غريب ۽ مستحق فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن جي مالي مدد لاءِ نئون بورڊ قائم، احمد شاھ، صنم ماروي ميمبر ھوندا

فہرستِ مضامین

سنڌ حڪومت فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن جي مالي مدد لاءِ قائم مينيجمينٽ بورڊ ۾ تبديلي ڪري ڇڏي.

ثقافت ۽ سياحت کاتي جي ماتحت اينڊومينٽ، وظيفن لاءِ قائم مينيجمينٽ بورڊ جو سال 2018 وارو نوٽيفڪيشن ختم ڪيو ويو

وڏي وزير مراد علي شاهه جي منظوري سان چيف سيڪريٽري سنڌ نون ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

 ثقافت ۽ سياحت کاتي جو وزير سيد ذوالفقار علي شاهه مينيجمينٽ بورڊ جو چيئرمين هوندو.

سيڪريٽري ڪلچر وائيس چيئرمين جڏهن ته ڊي جي ڪلچر بورڊ ۾ سيڪريٽري ۽ ميمبر هوندا

ميمبرن ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو صدر، سکر آرٽس ڪائونسل جو صدر، جي ايم پي ٽي وي، ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري جنرل شامل آھن

گلوڪار ميمبرن ۾ نامياري گلوڪاره صنم ماروي ۽ رجب فقير شامل آھن

اداڪارن ۾ مشهور اداڪار جاويد شيخ، ايوب کوسو، احسن خان ۽ منيب بٽ شامل آهن.

ليکڪن ۾ نامياري ليکڪا نورالهدى شاهه ۽ مهتاب اڪبر راشدي شامل آھن، جڏھن تہ يوسف بشير قريشي ۽ عرفان سمون به بورڊ جا ميمبر ھوندا.

ترجمان موجب سنڌ حڪومت طرفان قائم ڪيل بورڊ غريب ۽ مستحق فنڪارن، اديبن، شاعرن ۽ اداڪارن جي مالي مدد لاءِ ڪم ڪندو.

بورڊ جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي گڏيل فيصلي سان مالي امداد ضرورت مندن کي ڏني ويندي، صوبائي وزير ذوالفقار شاهه بورڊ ۾ شامل ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آھي.

صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ چيو آھي تہ سنڌ حڪومت غريب ۽ مستحق اداڪارن، گلوڪارن، شاعرن ۽ اديبن جي مدد جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ بهتر بڻائي رهي آهي، مينيجمينٽ بورڊ جا ميمبر پنهنجي شعبي جا ماهر آهن، انهن کي ٻين ساٿين جي حالتن جو ڀرپور احساس آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں