عورت کي ھيسائڻ جو ڪيس: مونس علوي 25 لک ڏنڊ جي رقم عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ڪورٽ رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي عورت کي ھيسائڻ واري ڪيس ۾ لڳايل 25 لک روپين جي ڏنڊ واري رقم عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ مونس علوي جي محتسب اعليٰ سنڌ جي فيصلي خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنھن دوران واڳيل ڌريون عدالت ۾ پيش ٿيون.

ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته مونس علوي 25 لک روپين جي ڏنڊ واري رقم سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ناظر جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي.

گذريل مھيني سنڌ جي محتسب اعليٰ عورت کي ھيسائڻ جي الزام ھيٺ آيل مونس الاھي کي عھدي تان ھٽائڻ ۽ 25 لک روپيا ڏنڊ لڳائڻ جو حڪم ڏنو ھو، محتسب جو چوڻ ھو تھ مونس علوي تي ڏوھ ثابت ٿيو آھي.

بعد ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ محتسب اعليٰ سنڌ جو مونس علوي کي عھدي تان ھٽائڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو ھو پر 25 لک روپين جو لڳايل ڏنڊ برقرار رکيو ھو، عدالت اھا رقم ناظر وٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو.

محتسب اعليٰ سنڌ جي ڪارروائي

صوبائي محتسب اعليٰ جسٽس رٽائرڊ شاهه نواز طارق، مونس علوي تي ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي چيف مارڪيٽنگ آفيسر مھرين زھرھ کي ھيسائڻ تي متاثر عورت کي 25 لک روپيا ڏنڊ طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو.

صوبائي محتسب پنھنجي فيصلي ۾ چيو ھو تھ ڏنڊ ادا نھ ڪرڻ جي صورت ۾ مونس علوي جي منقولھ ۽ غير منقولھ ملڪيت ضبط ڪئي وڃي ۽ سندس پاسپورٽ بھ بلاڪ ڪيو وڃي.

مھرين زھرا ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او خلاف پروٽيڪشن اگينسٽ ھراسمينٽ آف وومين ايٽ دي ورڪ پليس ايڪٽ 2010 تحت صوبائي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي ھئي.

متاثر عورت مونس علوي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين عھديدارن پاران ھيسائڻ، ڌمڪائڻ ۽ اذيت پھچائڻ جا الزام ھنيا ھئا.

ھيسائڻ ۽ بدسلوڪي جا الزام

متاثر عورت پاران داخل ڪرايل شڪايت ۾ دعويٰ ڪئي وئي ھئي ته کيس آڪٽوبر 2019 ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڀرتي ڪيو ويو ھو، پر بعد ۾ 26 ڊسمبر 2019 تي سي ايم سي او طور ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو.

ھن دعويٰ ڪئي تھ ملازمت دوران کيس مونس علوي پاران نامناسب تبصرن ۽ عملن جو منھن ڏسڻو پيو.

پنھنجي درخواست ۾ عورت آفيسر الزام ھڻندي چيو ھو تھ کيس رات جي وقت اڪيلي ڪافي يا ڊنر جي دعوت تي گھرايو ويو، جتي تڪليف ڏيندڙ ۽ بيھودھ قسم جا تبصرا بھ ڪيا ويا.

متاثر عورت چيو تھ مونس الاھي ھڪ اھڙو ماحول پيدا ڪيو، جنھن ۾ ھوءَ پاڻ کي لاڳيتو خطري ۾ محسوس ڪندي ھئي.

ھن دعويٰ ڪئي تھ مٿس مبينا طور ھفتي جي 7 ئي ڏينھن ۾ 24 ڪلاڪ دستياب رھڻ جو دٻاءُ وڌو ويو، اڪثر ويڪ اينڊز تي اھڙي وقت ون ٽو ون ملاقاتن لاءِ گھرايو ويندو ھو، جڏھن ٻيو ڪير بھ موجود نھ ھوندو ھو.

محتسب اعليٰ جو تحريري فيصلو

محتسب اعليٰ جي تحريري فيصلي موجب متاثر عورت دعويٰ ڪئي تھ مونس علوي ھن جي سامھون پير ڊگھا ڪندو ھو، ڪڏھن ھڪ ڄنگھھ صوفي تي رکندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن پنھنجا جورابا، ٽائي ۽ جيڪيٽ لاھي ڇڏيندو ھو.

مھرين زھره موجب سندس خيال ۾ مونس علوي جو اھو رويو انتھائي نامناسب ھو.

محتسب اعليٰ جي تحريري حڪم ۾ اھو بھ لکيو ويو آھي تھ مونس علوي آڏي پڇا دوران ان رويي جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته ھو نماز پڙھڻ لاءِ سندس موجودگي ۾ پنھنجي ٽائي، جورابا ۽ جيڪيٽ لاھيندو ھو.

محتسب اعليٰ جي تحريري فيصلي موجب ساٿي عورتن جي موجودگي ۾ اھڙو رويو مذمت جوڳو ۽ قبول نھ ڪرڻ جوڳو آھي.

تحريري فيصلي موجب مونس الاھي پنھنجي دفاع ۾ الزامن جي ترديد ڪندي چيو تھ عورت جي نوڪري شڪايت ڪرڻ کان ھڪ مھينو اڳ ختم ڪئي وئي ھئي ۽ ھن اھي الزام نوڪري ختم ڪرڻ جو بدلو وٺڻ لاءِ لڳايا.

ھن دعويٰ ڪئي تھ ھو ھڪ پروفيشنل ۽ پرسڪون شخصيت جو مالڪ آھي ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ برابري جي موقعن جو ڪلچر آھي، جتي پدرشاھي، جنسي ۽ جارحاڻن روين جي ڪا گنجائش نھ آھي.

محتسب اعليٰ سي اي او ڪي اليڪٽرڪ جي موقف کي رد ڪندي قرار ڏنو تھ متاثر عورت پنھنجي نوڪري ختم ٿيڻ کان اڳ سيپٽمبر 2020 ۾ واٽس ايپ پيغامن ذريعي بورڊ جي ھڪ ميمبر کي علوي جي نامناسب رويي جي باري ۾ شڪايت ڪئي ھئي.

محتسب اعليٰ موجب عورت کي “ناقص ڪارڪردگي” جي ڪوڙي بھاني ذريعي نشانو بڻايو ويو، ڇاڪاڻ تھ ھن آواز اٿارڻ جي جرئت ڪئي ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں