پاڪستان جي خاتونِ اول بي بي آصفہ ڀٽو زرداري چيو آھي تہ عورتن جو آواز اهم آهي، انهن جو تحفظ ۽ خواب اهم آهن۔
عورتن جي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏھاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو تہ جتي عورتون خوف يا خاموشي سان زندگي گذارين، اھو معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، رياستِ پاڪستان سڀني عورتن ۽ نارين جي عزت، حقن ۽ حفاظت لاءِ پرعزم آهي۔
ھن چيو تہ سزا کان بچڻ جي ثقافت ختم ڪرڻ انصاف لاءِ ضروري آهي، متاثر ٿيندڙ عورتن لاءِ بهتر مدد ۽ هر سطح تي جوابدھي لاءِ وڌيڪ سخت قانونن ۽ انهن تي عملدرآمد لازمي آهي۔
آصفہ ڀٽو زرداري چيو تہ اسان کي تعصب جي مقابلي ۾ احترام، خاموشي جي مقابلي ۾ همت ۽ غفلت جي مقابلي ۾ جوابدهي کي چونڊڻو پوندو ۽ ايندڙ نسل لاءِ وڌيڪ محفوظ ۽ وڌيڪ برابري وارو سماج قائم ڪرڻ اڻٽر آھي ۔
هن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان جي ترقي عورتن لاءِ وڌ کان وڌ محفوظ ماحول سان مشروط آهي، پاڪستان جا شهري، ادارا ۽ ڪميونٽيون عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ متحدہ ٿين۔
بي بي آصفہ ڀٽو زرداري چيو تہ اسان کي اهڙو مستقبل ٺاهڻو پوندو جتي هر عورت ۽ ڇوڪري خوف کان آزاد هجي ۽ مڪمل موقعن سان زندگي گذاري سگهي۔….