پاڪستانين لاءِ خوشخبري آھي تہ ايندڙ چئن ڏينھن بعد پيٽروليم شين جي اگھن ۾ 11 رپين تائين گھٽتائي جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي.
16 ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي اگھن ۾ 11 رپيا في ليٽر تائين گھٽتائي جو امڪان آھي، ذريعن موجب پيٽروليم شين جي اگھن ۾ لاٿ بابت لاڳاپيل کاتي شروعاتي ورڪنگ تيار ڪيو ويو آھي.
ذريعن موجب پيٽرول 36 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل 11 رپيا 85 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آھي، ان کانسواءِ مٽي جو تيل 11 رپيا 70 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل 10 رپيا ھڪ پئسو في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آھي.
آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي پاران قيمتن جي سمري 15 ڊسمبر تي وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ پيٽروليم ڊويزن نين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو.
جيڪڏھن تجويز ڪيل گھٽتائي ٿي تہ ان بعد پيٽرول جي نئين قيمت 263 رپيا 9 پئسا ليٽر ٿي ويندي، جڏھن تہ لائٽ ڊيزل جي نئين قيمت 153 رپيا 76 پئسا في ليٽر ٿي ويندي……….