ن ليگ جي قائد نواز شريف ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل پارٽي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي آھي تہ عوام تخريبي سياست کي رد ڪري خوشحالي جي چونڊ ڪئي آھي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ايڪس اڪائونٽ تي پنھنجي بيان ۾ چيو تہ وزيراعظم شھباز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز جي محنت ۽ خدمت سان ملڪ صحيح دڳ تي اچي رھيو آھي.
نواز شريف چيو تہ پاڪستاني عوام تشدد، ڏڦيڙ ۽ تخريبي سياست کي رد ڪندي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي رستي جي چونڊ ڪئي آھي.
ياد رھي تہ گذريل ڏينھن پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جي 6 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 7 سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ اڪثر سيٽن تي ن ليگ اميدوار ڪامياب ٿيا
غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتين موجب قومي اسيمبلي جي 6 سيٽن تي ن ليگ جي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن تہ صوبائي اسيمبلي جي 7 سيٽن مان 6 سيٽن تي ن ليگ اميدوار سوڀارا ٿيا ۽ صوبائي اسيمبلي جي ھڪ سيٽ تي پيپلزپارٽي جو اميدوار ڪامياب ٿيو آھي .