عمر ايوب  ۽  شبلي فراز سميت تحريڪ انصاف جا 9 پارلياماني ميمبر نااھل قرار

فہرستِ مضامین

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاڪستان تحريڪ انصاف 9 پارليامينٽ ميمبرن کي نااھل قرار ڏئي ڇڏيو آھي، نااھل قرار ڏنل اڳواڻن کي پنجاب جي مختلف عدالتن 9 مئي جي پرتشدد وارن ڪيسز ۾ سزا ٻڌائي ھئي.

اليڪشن ڪميشن پاران اڱاري ڏينھن جاري ڪيل سرڪاري نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب خان ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ شبلي فراز کي نااھل قرار ڏنو ويو.

نوٽيفڪيشن موجب جن ٻين قومي اسيمبلي ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي، انهن ۾ زرتاج گل، صاحبزادہ حامد رضا، راءِ حسن نواز ۽ راءِ حيدر علي خان شامل آهن. پنجاب اسيمبلي جا ٽي ميمبر به نااهل قرار ڏنا ويا آهن، جن ۾ محمد انصر اقبال، جنيد افضل ساهي ۽ راءِ محمد مرتضى اقبال جا نالا شامل آهن.

آرٽيڪل 63 اي تحت نااھلي

اليڪشن ڪميشن موجب، انهن سڀني ميمبرن کي پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 63 ھڪ ايڇ تحت نااهل قرار ڏنو ويو ، جيڪو ڪنهن به سزا ٻڌايل شخص کي پارليامينٽ جي ميمبرشپ رکڻ کان روڪي ٿو. ان جو مطلب آهي ته سزا ٻڌايل ميمبر پنهنجي عهدن تان فارغ ٿي ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي نين چونڊن جو عمل شروع ڪيو ويندو.

عدالتي سزائون ۽ 9 مئي جا واقعا

ياد رهي ته گذريل ٻن هفتن دوران، فيصل آباد، سرگودها ۽ لاهور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالتن ، 9 مئي 2023 تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پيدا ٿيل پرتشدد واقعن وارن ڪيسز جو فيصلو ٻڌايو هو، جن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي سرڪاري ملڪيتن تي حملن، وڳوڙن ۽ فساد جا الزام ھئا.

فيصل آباد جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت گذريل هفتي 9 مئي سان لاڳاپيل هڪ اهم ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي، قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب، پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ زرتاج گل، سينيٽ جي پارلياماني اڳواڻ شبلي فراز، ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين حامد رضا کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي.

ڪيس جي نوعيت

فيصلو فيصل آباد ۾ هڪ حساس اداري جي آفيس تي مبينا حملي بابت داخل ڪيس ۾ ٻڌايو ويو، جنهن ۾ 185 ڄڻا نامزد ڪيا ويا هئا. عدالت 108 جوابدارن کي ڏوهاري قرار ڏئي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ٻين جوابدارن خلاف ڪيس هلندڙ آهن.

پي ٽي آءِ جي انهن چونڊيل اراڪين جي نااهليءَ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پاڪستان جلد انهن تڪن تي ضمني چونڊون ڪرائڻ جو عمل شروع ڪندو، جنهن لاءِ چونڊن جو شيڊول جلد جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

ان کان اڳ 22 جولاءِ تي سرگودها ۽ لاهور جي عدالتن پاران آيل فيصلن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ٻين اهم اڳواڻن کي به سزا ٻڌائي وئي هئي، جن ۾ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر  احمد خان بڇر، اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، سينيٽر اعجاز چوڌري، پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما شامل آھن.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ نااهلي ۽ قيد جون سزائون، پارٽي لاءِ نيون سياسي ڏکيائيون کڻي آيون آهن، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ پارلياماني سيٽن لاءِ ننڍي چونڊون ملڪ جي سياسي منظرنامي کي وڌيڪ تبديل ڪري سگھي ٿي.

ان کان اڳ ڊبليو ٽي اين پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف ڪيسن جا تفصيل ۽ عدالتي فيصلن تي هڪ جامع رپورٽ پبلش ڪئي هئي، جيڪا هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا https://wtnsindhi.com/%d9%be%d9%8a-%d9%bd%d9%8a-%d8%a2%d8%a1%d9%90-%d8%ac%d9%8a-108-%d8%a7%da%b3%d9%88%d8%a7%da%bb%d9%86-%db%bd-%da%aa%d8%a7%d8%b1%da%aa%d9%86%d9%86-%da%a9%d9%8a-10%d8%8c-10-%d8%b3%d8%a7%d9%84-%d9%82%d9%8a/

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں