رپورٽ: شاھزيب علي
واقعي جا تفصيل پڙھڻ کان اڳ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ڊبليو ٽي اين سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪئي آھي، پھريان اُن تي نظر وجھجي تہ واقعو سمجھ ۾ اچي ويندو.
ايس ايس پي چيو تہ سولنگي برادري جا گھر عدالتي حڪم تي خالي ڪرايا ويا آھن، سينيئر سول جج ون اھي گھر خالي ڪرائي جنت بي بي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو.

ھن چيو تہ عدالتي حڪم تي پوليس گھر خالي ڪرائڻ لاءِ پھتي تہ سولنگي برادري جي عورتن مزاحمت ڪئي، ڪنھن کي بہ گرفتار ناھي ڪيو ويو، رڳو کين ٿوري دير لاءِ حراست ۾ ورتو ويو ھو، ھن وقت ڪا بہ عورت گرفتار ناھي.
عمرڪوٽ ۾ پوليس پاران سولنگي برادري جي ماڻھن تي پوليس ڪڙڪي پئي، گھر خالي ڪرائي عورتن تي تشدد ۽ گرفتار ڪيو ويو.
افغان پاڙي ۾ رھندڙ سولنگي برادري جي ماڻھن تي پوليس گھر خالي ڪرڻ لاءِ ڪڙڪي پئي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ويو.
پوليس پاران نياڻين کي گھلي پوليس جي گاڏين ۾ اڇلايو ويو، جڏھن تہ پلاٽ خالي ڪرائي سيدن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ ھو تہ ھو عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪري رھيا آھن، عدالت قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو.
سولنگي برادري جا ماڻھو بي يارو مددگار
پوليس طرفان سولنگي برادري جي ماڻھن کي گرفتاري بعد آزاد ڪيو ويو، سولنگي برادري جا ماڻھو پريس ڪلب آڏو بي يارو مددگار ويٺل ھيا.
سولنگي برادري جو موقف آھي تہ ھو ھڪ صدي کان ھتي ويٺل آھن، بااثر جي چرچ تي کين بي گھر ڪيو ويو، پوليس موجب عدالتي حڪمن تحت ڪارروائي ڪئي وئي، پوليس گھرن مان بيدخل ڪرڻ بعد سولنگي برادري جي ئي 15 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس جون ورديون ڦاڙڻ ۽ اھلڪارن جي زخمي ڪرڻ جا قلم شامل آھن.
صوبائي وزير سردار شاھ جي ترديد
صوبائي وزير سردار شاھ ترديد ڪندي چيو تہ ھر واقعي کي مونسان نہ ڳنڍيو وڃي، سنڌ ۾ ڪٿي بہ سيدن جو مسئلو ھوندو تہ مونسان ڇو جوڙيندا آھيو.
ھن چيو تہ عمرڪوٽ جي سيد برادري جو مونسان واسطو نہ آھي، معاملي کي سندس ڪٽنب سنا ڳنڍڻ جي ڪوشش نہ ڪئي وڃي.
سندس چوڻ ھو تہ ايس ايس پي عمرڪوٽ سان رابطو ڪري چيو آھي تہ نياڻي تي تشدد ڪندڙ اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالھي پاران ھڙتال جو اعلان
عمرڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالھي چيو تہ عمرڪوٽ لاءِ اڄ ڪارو ڏينھن آھي، سڀاڻي شٽربند ھڙتال جو سڏ ڏئي رھيو آھي.
ھن چيو تہ صدين کان آباد سولنگي برادري تي بااثرن جي چرچ تي بي گھر ڪيو پيو وڃي، عمرڪوٽ واسي سڀاڻي ڪاروبار بند نہ ڪن، نہ تہ سڀاڻي انھن سان بہ ائين ٿي سگھي ٿو
قومپرست اڳواڻن جو رد عمل
ايس يو پي صدر زين شاھ، اياز لطيف پليجو ۽ جسقم چيئرمين صنعان قريشي پاران بہ سولنگي برادري جا گھر خالي ڪرائڻ جي مذمت ڪئي وئي
اياز لطيف پليجو عمرڪوٽ ۾ ڏھاڪن کان آباد غريب ڪٽنب کي لڏائڻ، نياڻين سان توھين جوڳي سلوڪ ۽ تشدد جي مذمت ڪيون ٿا، عدالتي فيصلو ھئڻ جي صورت ۾ بہ تشدد جي اجازت نہ آھي.
سيد زين شاھ چيو تہ نسلن کان آباد ماڻھن کي گھرن کان محروم ڪرڻ ناانصافي، غيرانساني رويو ۽ اختيارن جو غلط استعمال آھي، معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.
جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چوڻ ھو تہ نياڻين تي تشدد ڪندڙ پوليس عملدارن ۽ اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.