عمرڪوٽ ۾ پوليس ذريعي سولنگي برادري جا گھر خالي ڪرائڻ واري معاملي تي سنڌ سخت ردِعمل ظاھر ڪيو آھي.
پنھنجن ٽن گھر ڀاتين جو قتل ڪيس وڙھندڙ اُم رباب چانڊيو پنھنجي وڊيو بيان ۾ چيو آھي تہ مون وٽ الفاظ نه آھن جو مان سنڌ جي حڪمرانن کي ڪھڙي طريقي سان جواب ڏيان؟ وٽس اھڙا الفاظ ناھن جو سنڌ جي ماڻھن سان ٿيندڙ ظلم تي استعمال ڪري، ماڻھن کي جاڳائي.
ھن چيو ته ھر سنڌ جي ماڻھو لاء ھي انتھائي ڏکوئيندڙ واقعو آھي ته سنڌ جي نياڻين جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيا ويا ۽ سنڌ پوليس جي ھٿان نياڻين ، عورتن کي بيدردي سان تذليل جو نشانو بڻايو ويو آھي.
ام رباب چانڊيو بلاول ڀٽو زرداري سان مخاطب ٿيندي چيو آھي ته ھي اوھان جا ووٽر ۽ سپوٽر آھن، مريم نواز جي گرفتاري دوران اوھان جا الفاظ ھئا ته “اوھان ۾ شرم ۽ غيرت نه آھي تہ عورت کي ڪئين گرفتار ڪيو اٿئو”. بلاول صاحب ھي به سنڌ جون نياڻيون آھن انھن کي ڪھڙي طريقي سان روڊن تي گھليو ۽ انھن جا ڪپڙا ڦاڙيا ويا آھن، اِن تي اوھان ڇا چوندا؟
ھيءَ واقعو ظلم جي انتھا آھي: عامر نواز وڙائچ
ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عامر نواز وڙائچ عمرڪوٽ واقعي تي پنھنجي ردعمل ۾ چيو تہ ھيءَ واقعو انتھائي ڏکيوئيندڙ ۽ ظلم آھي، اِن جي جيتري مذمت ڪجي، اُھا گھٽ ھوندي.
سنڌ جي مختلف شھرن سان تعلق رکندڙ وڪيلن ھن واقعي تي ردعمل ڏنو آھي ۽ حڪومت مٿان تنقيد ڪئي آھي.