ڪراچي: ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال الزام لڳايو آھي تہ عمران فاروق کي ايم ڪيو ايم باني قتل ڪرايو ھو، متحدہ باني نشي ۾ ڌت ٿي عمران فاروق کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو تہ باني ايم ڪيو ايم ڊرامي باز ماڻهو آهي، باني متحدہ لاشن تي آئٽم سانگ ڪندو آهي، باني متحدہ سمجهي ٿو تہ هو راجا آهي۔
ھن چيو تہ ڊاڪٽر عمران فاروق جي گهرواري جي لاش تي باني ايم ڪيو ايم ناٽڪ شو ڪيو، باني لاش پاڪستان موڪلڻ لاءِ لکين پائونڊ جو چندو وصول ڪيو، باني متحدہ جي سالگره تي عمران فاروق کي ماري تحفو ڏنو ويو، لاش لاءِ چندو وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي۔
باني متحدہ را کان فنڊنگ وٺندو رھيو آهي، هن سڄي نسل تباهہ ڪري ڇڏي آهي ۽ اڃا بہ تباهہ ڪري رھيو آهي، هن 40 ورھين ۾ ڪيترا ئي ماڻهو کائي ويو، اڃا بہ کائي رھيو آهي، مان عمران فاروق جي ٻارن کي درخواست ڪريان ٿو تہ باني سان رابطو نہ ڪن۔…