عمران خان کي اکين جي ماهر ڊاڪٽرن تائين رسائي ۽ پٽن سان رابطي جي سهولت ڏيڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

ڊبليو ٽي اين سنڌي ڊاٽ ڪام

سپريم ڪورٽ باني پي ٽي آءِ عمران خان کي اکين جي ماهر ڊاڪٽرن تائين رسائي ۽ سندس ٻارن سان ٽيليفونڪ رابطي جي سهولت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔

چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي مشتمل ٻن رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ۾ لاڳاپيل رپورٽ پيش ڪئي وئي۔

رپورٽ موجب عمران خان جيل ۾ مليل طبي سهولتن کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي اکين جي ماهر ڊاڪٽرن کان معائني جي درخواست ڪئي آهي۔

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي آگاه ڪيو تI حڪومت ماهر ڊاڪٽرن تائين رسائي ڏيڻ لاءِ تيار آهي۔ ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا تہ حڪومت مثبت رويو اختيار ڪيو آهي، عمران خان کي پنهنجي ٻارن سان ٽيليفونڪ رابطي جي سهولت بہ ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ تہ هو هن وقت رياستي تحويل ۾ آهي۔

 عدالت واضح ڪيو تہ عمران خان سميت سڀني قيدين کي هڪجهڙيون طبي سهولتون ملڻ گهرجن ۽ ڪنهن کي بہ ٻين قيدين جي ڀيٽ ۾ خاص يا نمايان سهولتون نہ ڏنيون وڃن۔

چيف جسٽس چيو تہ فرينڊ آف دي ڪورٽ ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ جون رپورٽس هڪجهڙيون آهن۔

عدالت هدايت ڪئي تہ عمران خان جي اکين جي معائني لاءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڙي وڃي ۽ اهي قدم 16 فيبروري کان اڳ مڪمل ڪيا وڃن، صحت جو معاملو سڀ کان اهم آهي ۽ ان ۾ مداخلت ضروري آهي.

اٽارني جنرل چيو تہ قيدين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، جيڪڏھن ڪو قيدي مطمئن ناهي تہ رياست مناسب قدم کڻندي۔

چيف جسٽس ٻارن سان ٽيليفون ڪالز جي معاملي کي بہ اهم قرار ڏيندي چيو تہ عدالت حڪومت تي ڀروسو ڪري رھي آهي ۽ اصل ڪيس ۾ ٻڌڻي جو حڪم محفوظ ڪيو وڃي ٿو۔

بعد ۾ عدالت حڪم ڏنو تہ عمران خان کي سندس پٽن قاسم ۽ سليمان سان ٽيليفونڪ رابطي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي۔

عمران خان جي اک جي روشني 15 سيڪڙو تائين محدود

تحريڪ انصاف جَي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ساڄي اک جي روشني 15 سيڪڙو تائين محدود ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.

اڊيالا جيل ۾ باني پي ٽي آءِ جي صحت بابت جمع ڪرايل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آھي

سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب  عمران خان جي ساڄي اک ۾ رت جو لوٿڙو ٺھي ويو ھو، جنھن اک کي نقصان پھچايو، عمران خان مطالبو ڪيو آھي تہ سندس معائنو ذاتي ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر عاصم يوسف کان ڪرايو وڃي

قيد ۾ ٽي وي جي سھولت نہ ھئڻ سبب عمران خان ڪتاب ڏيڻ جي درخواست ڪئي آھي، عمران خان جي استعمال ھيٺ ڪمپائونڊ ۾ تقريبن 10 سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳل آھن،رپورٽ موجب عمران خان کي کاڌي ۾ 2 ڏينھن مرغي، 2 ڏينھن گوشت ۽ 2 ڏينھن دال ڏني ويندي آھي.

عمران خان کي اکين جي ڪهڙي بيماري آهي؟

گذريل مهيني پاڪستان تحريڪ انصاف دعويٰ ڪئي هئي ته عمران خان جي سڄي اک ۾ سينٽرل ريٽينل وين آڪلوزن جي شڪايت آهي ۽ سندس اک جي رڳن ۾ هڪ ’خطرناڪ رڪاوٽ پيدا ٿي چڪي آهي.

پي ٽي آءِ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ڊاڪٽرن موجب ھي انتهائي حساس ۽ سنگين طبي مسئلو آهي، جنهن جو جيڪڏهن وقت تي ۽ مناسب علاج نه ٿيو ته اکين جو نور مستقل طور متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي

اسلام آباد جي پمز اسپتال تصديق ڪئي هئي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سڄي اک جي بينائي (نظر) گهٽ ٿيڻ جي شڪايت تي آپريشن ٿيٽر ۾ طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

پمز جي ايگزیکٽو ڊائريڪٽر راڻا عمران سڪندر ٻڌايو ته تشخيص دوران عمران خان جي اک ۾ ’سينٽرل ريٽينل وين آڪلوزن جي تصديق ٿي هئي.

سينٽرل ريٽينل وين آڪلوزن ڇا آهي؟

برطانيه جي صحت واري اداري موجب  وڏي عمر جي ماڻهن ۾ بينائي (نظر) گهٽ ٿيڻ جو هڪ عام سبب ’ريٽينل وين آڪلوزن‘ يعني اک جي پردي جي رڳ ۾ رڪاوٽ اچڻ آهي، جنهن ڪري اتي رت جو ڦٽو (لوٿڙو) بڻجي سگهي ٿو.

ريٽينا  هي اک جي ڪاري حصي جي پٺيان هڪ سنھي تهه هوندي آهي، جيڪا ڪيمرا جي فلم وانگر ڪم ڪندي آهي.

جڏهن رڳ ۾ رڪاوٽ اچي ٿي ته اک مان رت يا ٻيو مائع ريٽينا ۾ ليڪ ٿيڻ لڳندو آهي، جنهن سان زخم ٿين ٿا، سوڄ ٿئي ٿي يا آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي. ان ڪري روشني جذب ڪندڙ گھرڙا متاثر ٿين ٿا ۽ بينائي ڪمزور ٿي وڃي ٿي.

هي بيماري 60 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن ۾ عام ناهي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں