عمران خان نہ تہ ڪجهہ نہ واري سوچ تي لعنت ٿا وجهون : عطاءُ الله تارڙ

فہرستِ مضامین

لاهور : اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي تہ عمران خان هڪ ذهني مريض آهي، جنهن جي پارٽي وارا چوندا آهن تہ خان ناهي تہ ڪجهه ناهي، اهڙي سوچ تي لعنت ٿا وجهون، ڇو تہ پاڪستان نہ تہ ڪجهه نہ.

لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو تہ جيل ۾ قيد ذهني مريض 190 ملين پائونڊ جي ميگا ڪرپشن ڪئي آهي، هن ملڪ جي معيشت تباهہ ڪئي، اسپتال ۽ فلاحي منصوبن جا فنڊ بہ کائي ويو، معرڪہ حق ۾ پاڪ فوج ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، ڀارت اسان جي فوج کان ڊڄندو آهي.

هن چيو تہ اهي پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ فوج کي برو ٿا چون، جنهن پاڻ کان وڏي دشمن کي شڪست ڏني، ان فوج تي تنقيد ڪندي کين شرم اچڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو تہ 9 مئي جون وڊيوز ڏسو، هنن جيڪو ڪم ڪيو اهو دشمن بہ نہ ڪري سگهيو، پي ٽي آءِ جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ رياستي ادارن خلاف گمراهہ ڪندڙ پروپيگنڊا ۾ ملوث آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں