پي ٽي آءِ باني عمران خان محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۽ اعظم سواتي کي سينٽ ۾ اپوزيشن ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ ٻاھران ميـڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ عمران خان قومي اسيمبلي لاءِ محمود خان اچڪزئي ۽ سينيٽ لاءِ اعظم سواتي کي مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪيو آھي.
ھن چيو ته پي ٽي آءِ باني ضمني چونڊ بابت فيصلو سياسي ڪميٽي حوالي ڪيو آھي، عمران خان پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ 5 نالا گھريا آھن، جن مان ھڪ تي فيصلو ڪيو ويندو.
محمود خان اچڪزئي ڪير آھي؟
محمود خان اچڪزئي پشتونخوا عوامي پارٽي جو چيئرمين ۽ قومپرست اڳواڻ آھي، ھن 1948ع ۾ قلعھ عبداللھ ضلعي جي تعلقي گلستان ۾ جنم ورتو، ھن شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول عنايت اللھ ڪاريز مان حاصل ڪئي، سائنس ڪاليج ڪوئيٽا مان ايف ايس سي ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پشاور ھليو ويو، جتي ھن يونيورسٽي آف ا نجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پشاو ر ۾ داخلا ورتي.
اچڪزئي عمران جي حڪومت خلاف رٿ پيش ڪندڙ پي ڊي ايم اتحاد جو سربراهه به آهي
محمود خان اچڪزئي پنھنجي والد خان عبدالصمد خان اچڪزئي جي شھادت بعد سياست ۾ پير پاتو، کيس پشتونخوا عوامي پارٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، ھو 2 فيبروري 1974 ع واري چونڊن دوران بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر بڻيو، ھو قلعھ عبدالله ۽ ڪوئيٽا مان ڪيترائي ڀيرا ايم اين اي بھ چونڊبو رھيو آھي، ھو آل پارٽيز ڊيموڪريٽڪ مومينٽ جو چيئرمين بھ رھي چڪو آھي، محمود خان اچڪزئي، پي ڊي ايم جو بھ حصو رھيو ۽ ھاڻي اپوزيشن گرينڊ الائنس جو سربراھھ آھي.
عمران خان اچڪزئي بابت ڇا چوندو ھو؟
پي ٽي آءِ باني عمران خان 9 مئي ڪيس ۾ عمر ايوب کي سزا اچڻ بعد محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو آھي، سندس نامزدگي بعد عمران خان جي پراڻي وڊيو ھڪ ڀيرو ٻيھر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي، جنھن ۾ ھو محمود خان اچڪزئي تي تنقيد ڪندي نظر اچي ٿو، سيپٽمبر 2024 ۾ عمران خان محمود خان اچڪزئي جي چادر اوڍڻ واري انداز تي تنقيد ڪندي کيس ملنگ قرار ڏنو ھو، ھن محمود خان اچڪزئي تي الزام ھنيو تھ محمود خان پنھنجي 8 مائٽن کي اسيمبلي ۾ پھچائي ڇڏيو آھي، ھو ڀاءُ کي گورنر بڻائي ڇڏيو آھي.
اعظم سواتي ڪير آھي؟
پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان طرفان سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ڪيل اعظم سواتي 2006 کان 2011 تائين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير به رھي چڪو آھي، اعظم سواتي 22 جون 1956ع تي مانسھرھ ۾ پيدا ٿيو، ھن ايم اي اڪنامڪ پوليٽڪل سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي، ھيوسٽن يونيورسٽي مان ايل ايل بي ۽ ايل ايل ايم بھ ڪئي، ھن ھڪ وڌيڪ طور پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، 1978ع ۾ آمريڪا ھليو ويو، جتي ھن 1997 ۾ آئل ڪمپني قائم ڪئي
اعظم خان سواتي 2002۾ جي يو آءِ ۾ شامل ٿي سياست شروع ڪئي، 2023 ۾ سينيٽ جو ميمبر چونڊجي آيو، 2011 ۾ جي يو آءِ ڇڏي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪئي، ھن وقت بھ پي ٽي آءِ جو سينيٽر آھي، تحريڪ انصاف جي گذريل حڪومت ۾ وفاقي وزير بھ رھيو چڪو، کيس2020 کان 2022 تائين ريلوي جي وزارت جو قلمدان مليل هو. اعظم سواتي 5 نومبر 2022 تي لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ۾ الزام هنيو هو ته سندس زال کي اڻڄاتل نمبر تان سندس ۽ گھرواريءَ جي اعتراض جوڳي وڊيوز اماڻيون ويون آهن، واقعو بيان ڪندي اعظم سواتي لڙڪ بھ لاڙي ويٺو هو، سندس چوڻ ھو تھ ھن رڳو ايترو چيو ھو تھ ڪا بھ ڪرپشن ناھي ڪئي، نھ ئي سندس ڪا اعتراض جوڳي وڊيو ڪنھن وٽ آھي، جنھن بعد سندس وڊيو گھرواريءَ ڏانھن اماڻي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ جي پريس ڪانفرنس بعد ايف آءِ اي ۽ حڪومت وڊيو کي جعلي قرار ڏنو، ايف آءِ اي عملدارن چيو تھ فارنزڪ دوران خبر پئي تھ اعظم سواتي جي سوشل ميڊيا تي ھلندڙ وڊيو جعلي آھي.