عمران خان صحتمند آھي، جيل کان منتقلي جا افواھ بي بنياد آھن: اڊيالا جيل انتظاميہ

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: باني پي ٽي آءِ عمران خان جي صحت بابت اڊيالا جيل انتظاميہ جو بيان سامھون اچي ويو آھي.

اڊيالا جيل عملدارن موجب پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل ۾ مڪمل طور صحتمند آھي، عمران خان جي صحت بابت هلندڙ افواهن ۾ ڪا بہ صداقت ناھي.

اڊيالا جيل انتظاميہ موجب باني پي ٽي آءِ جي صحت جو مڪمل خيال رکيو ويندو آھي، ڪنھن بہ قسم جي غفلت ناھي ڪئي ويندي.

جيل انتظاميہ واضح ڪيو آھي تہ عمران خان کي اڊيالا جيل کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ بابت خبرون بي بنياد آھن، هو اڊيالا جيل ۾ ئي موجود ۽ صحتمند آھي.

اڊيالا جيل انتظاميا جو وڌيڪ چوڻ آهي تہ سوشل ميڊيا تي عمران خان جي منتقلي بابت هلندڙ افواهون بناجواز ۽ بي بنياد آهن۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں