عمران خان سزا ڀوڳيندو، کيس ڪو بہ اين آر او نہ ملندو: فيصل ڪريم ڪنڊي

فہرستِ مضامین

پشاور: ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي تہ جيڪڏھن پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو سلسلو ٿيو بہ تہ باني پي ٽي آءِ جي آزادي تي ڪا بہ ڳالهہ نہ ڪئي ويندي۔

خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو تہ ھو وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين بابت اڃا تائين پيپلزپارٽي سان ڪا بہ مشاورت ناهي ٿي، جيڪڏھن اهڙو ڪو عمل هجي ها تہ بلاول ڀٽو زرداري ان بابت ڪو بہ بيان ڏئي ها۔

هن چيو تہ پي ٽي آءِ تي اعتماد نٿو ڪري سگهجي، ماضي ۾ بہ پي ٽي آءِ ڳالهين کي متاثر ڪيو آهي، جيڪڏھن ڳالهين جو عمل ٿيو بہ تہ باني جي آزادي تي ڳالھيون نہ ٿينديون، باني پي ٽي آءِ پنهنجي سزا ڀوڳي رھيو آھي ۽ کيس ڪو بہ اين آر او نہ ملندو ۔

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو تہ پي ٽي آءِ هڪ شخص لاءِ سڄي صوبي کي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ کي گهرجي تہ پنهنجي صوبي تي بہ ڌيان ڏئي، اسان جي 16 مهينن جي حڪومت دوران اتحادي جماعتن ۽ پي ٽي آءِ کي هڪ ميز تي ويهاريو هيو، پر ان کانپوءِ پي ٽي آءِ 9 مئي جا واقعا ڪري سڀ ڪجهہ بگاڙي ڇڏيو۔

گورنر وڌيڪ چيو تہ اسان چاهيون ٿا تہ سياسي مسئلن جو حل سياستدان پاڻ ڪڍن، جڏھن تہ پي ٽي آءِ قيادت هڪ پاسي ڳالهين جي ڳالھ ڪري ٿي تہ ٻي پاسي باني پي ٽي آءِ اسلام آباد تي چڙھائي بابت ڏڦيڙ تي ٻڌل بيان ۽ ٽوئٽ ڪري ٿو۔

سندس چوڻ هو تہ پي ٽي آءِ پهريان فيصلو ڪري تہ ان جو اختيار ڪنهن وٽ آهي؟ پي ٽي آءِ جي پنهنجي صفن ۾ بہ اعتماد جو فقدان آهي، هاڻي پي ٽي آءِ پاران “امپورٽڊ ليڊرز” تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي۔

فيصل ڪريم ڪنڊي ٻڌايو تہ پي ٽي آءِ اپوزيشن ليڊر لاءِ محمود اچڪزئي ۽ علامہ ناصر عباس جو نالو ڏنو آهي، خبر ناهي تہ انهن اڳواڻن جي “ايڪسپائري تاريخ” ڪڏھن آهي؟ ….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں