عمران خان جي اک جو معاملو سنجيدہ نوعيت جو آھي، ان تي ڪو بہ سياست نہ پيو ڪري: گوھر خان  

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوھر چيو آھي تہ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي صحت جو معاملو انتھائي سنجيدہ آھي، ان تي ڪو بہ سياست نہ پيو ڪري.

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوھر خان گھرو وزير محسن نقوي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو تہ سندن مطالبو  فيملي يا ذاتي ڊاڪٽر کي رسائي ڏيڻ جو ھو.

بئريسٽر گوھر چيو تہ سندن مطالبو ھو تہ باني کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي، طبي معائني ۾ بہ ان لاءِ شريڪ نہ ٿياسين تہ چاھيون ٿا باني کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي، ملاقاتن تي پابندي لڳائي معاملي کي منجھايو ويو آھي.

بئريسٽر سلمان اڪرام راجا چيو تہ بئريسٽر سلمان صفدر جيڪا رپورٽ ڏني ان موجب اک ۾ مسئلو آھي، جڏھن تہ سرڪاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تہ اک ۾ بھتري آئي آھي.

ھن چيو تہ عاصم يوسف باني جو ذاتي ڊاڪٽر آھي، ان کي اندر ڇو نہ پيو ڇڏيو وڃي؟ جڏھن ھو اندر ويندو تہ ٻڌائيندو تہ اصل صورتحال ڇا آھي.

ياد رھي تہ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوھر ۽ سلمان اڪرام راجا کي باني سان ملاقات جي اجازت نہ ملي، باني کي ٽنھي ڀينرن کي بہ اڊيالا جيل داخل ٿيڻ نہ ڏنو ويو.

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي ملاقات ڪرائي وئي، ذريعن موجب ٻنھي جي ملاقات 30 منٽ جاري رھي، بشريٰ بي بي جي خاندان سان بہ ملاقات ڪرائي وئي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں