پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ملتان سلطانز جي مالڪ علي ترين، پي سي بي سان ڊگهي تڪرار کانپوءِ پنهنجي ٽيم جي مالڪي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
علي ترين سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي مداحن لاءِ جذباتي پيغام ۾ ملتان سلطانز جي مالڪي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
هن لکيو تہ هن ٽيم جو حصو رھڻ اعزاز رھيو، مداحن ۽ ٽيم سان پيار ڪيان ٿو، ڏکڻ پنجاب جي نمائندگي ڪرڻ هميشہ فخر محسوس ڪيو، ان تي منھنجو مرحوم چاچو عالمگير ترين بہ فخر ڪندو ھو
هن وڌيڪ چيو تہ هر گذرندڙ سال مالي نقصان جي باوجود ڪڏھن بہ پوئتي هٽڻ جو نہ سوچيو، ملتان سلطانز منهنجي لاءِ رڳو انگن اکرن تائين محدود نہ هئي، هميشہ ان کي بچائڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار ھئس۔
هن لکيو تہ مان ڄاڻان ٿو تہ مان هر ڪنهن جو پسنديدہ نہ آهيان ۽ مون کي ان سان ڪو مسئلو ناهي، پر هميشہ ايماندار رھيو آهيان، ڪڏھن اهو نہ سکيو تہ محفوظ راند کيڏان يا رڳو وقت گذاريان۔
علي ترين موجب، جيڪڏھن ھتي رھڻ دوران اصولن تي سوديبازي ڪرڻي پوي، تہ مون وٽ رڳو هڪ ئي رستو آهي تہ مان ھن ٽيم کي ڇڏڻ پسند ڪندس.
علي ترين چيو تہ ٽيم اوھان جي ۽ ڏکڻ پنجاب جي آھي، ان لاءِ ملتان سلطانز جو جيڪو بہ ايندڙ مالڪ ھوندو ان کي جذبي سان سپورٽ ڪندا رھنداسين، مان بہ اسٽيڊيم ۾ ويھي ان کي سپورٽ ڪندو نظر ايندس……..