باني پي ٽي آءِ جِي ڀيڻ عليمہ خان جا ٽيون ڀيرو ضمانت نہ ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آھن، عدالت عليمہ خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.
راولپنڊي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت احتجاج ۽ ڌرڻن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران 12 کان وڌيڪ جوابدار پيش ٿيا پر عليمہ خان غير حاضر رھي.
عدالت عليمہ خان جا ضمانت نہ ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي حڪم ڏنو تہ کيس گرفتار ڪري 22 آڪٽوبر تي پيش ڪيو وڃي.
ياد رھي تہ اُن کان اڳ پنجاب جي مختلف عدالتون احتجاج ۽ ڌرڻن وارن ڪيس ۾ عليمہ خان جا ضمانت نہ ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪيون آھن.