راولپنڊي : تحريڪ انصاف باني عمران خان جي ڀيڻ عليمہ خان اڄ ٻيھر عمران خان ملاقات جي اجازت نہ ملڻ تي اڊيالا جيل ويجھو ڌرڻو ھنيو آھي.
عليمہ خان پنھنجي ڀاءُ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل پھتي تہ ان کي ملاقات جي اجازت نہ ملي.
عليمہ خان ڪارڪنن سان گڏ جيل طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ منھن ماري بہ ٿي.
علميہ خان ملاقات جي اجازت نہ ملڻ تي اڊيالا جيل ڀرسان گورک پور ناڪي تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھي.
ڌرڻي ۾ عليمہ خان سان سندس ٻيون ڀينر۽ پارٽي اڳواڻن گڏ آھن، جڏھن تہ پوليس جي نفري بہ مقرر آھي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر آھي.
ياد رھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ بہ عمران خان سان ملاقات جي اجازت نہ ملڻ تي علميہ خان اڊيالا روڊ تي ڌرڻو ھنيو ھو ………..