اسلام آباد : چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي تہ هر انسان جي عزت، آزادي ۽ برابري جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، موجودہ دور جي سماجي، معاشي ۽ ٽيڪنالاجي جي چيلينجز باوجود عدليہ قانون جي حڪمراني مضبوط بڻائڻ تي ڪم ڪري رھي آهي.
انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيف جسٽس چيو تہ انصاف هر شهري لاءِ پهچ جوڳو ۽ وقت سر هجڻ گهرجي، عدالتي سڌارن جو مقصد عدالتي نظام کي جديد ۽ شفافيت ۾ واڌ ۽ رنڊڪون ختم ڪرڻ آهي، جيڪي خاص طور ڪمزور ۽ محروم طبقن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ کان روڪين ٿيون.
هن چيو تہ ٽيڪنالاجي جي استعمال، ججز جي تربيت ۽ ادارن ۾ هم آهنگي کي بهتر بڻائي عدالتي نظام جوڙيو پيو وڃي، اهڙو نظام جيڪو بنا خوف جي انصاف فراهم ڪري.
سندس چوڻ هو تہ انساني حقن جو تحفظ رڳو عدالتن جي نہ سڄي قوم جي گڏيل ذميواري آهي، جيڪو آئيني ويزن ۽ قومي قدرن جو اهم حصو آهي……..