عدالتي فيصلي تي عمل لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ بابت سنڌھاءِڪورٽ جو حڪم غيرقانوني قرار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سپریم ڪورٽ عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ بابت سنڌ ھاءِڪورٽ جو حڪم غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو۔

جسٽس منیب اختر ٽي صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو تہ سڃاڻپ ڪارڊ ڪو لگزري نہ پر عام زندگي گذارڻ لاءِ بنيادي ضرورت آھي ، ڇا سڀاڻي عدالتون رقم جي واپسي لاءِ بجلي ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن بہ ڪاٽڻ جو حڪم ڏينديون؟

سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آھي تہ ڪنهن شهري کي سڃاڻپ ڪارڊ کان محروم ڪرڻ، سندس زندگي جو بنيادي حق کسڻ جي برابر آهي، شق 51 تحت سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪا بہ گنجائش موجود ناهي۔

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو تہ پشاور ھائيڪوٽ پاران ڪيل ترميم سنڌ صوبي تي لاڳو نٿو ٿئي ۽ قانون ۾ واضح حڪم کانسواءِ ڪا بہ عدالت ڪنهن جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نٿي ڪري سگهي۔

ياد رھي تہ 2016ع ۾ ٽرائلر ڪورٽ درخواستگذار خلاف رقم جي ادائيگي جو حڪم جاري ڪيو هو۔ رقم ادا نہ ڪرڻ تي ماتحت عدالت درخواستگذار جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ برقرار رکيو هو۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں