انهن بيٽرن کي تہ سمجهہ ئي نہ پئي اچي. هن کي نٿا ماري سگهو.“ ”انهن کي ڇا، انڊيا کي به سمجهه نه ايندي.“ ”اهڙي بولر خلاف پريڪٽس لاءِ مان ڪنهن کي گهرايان؟“ ”هي انڊيا خلاف سندن ٽرمپ ڪارڊ هوندو.
هي اهي جملا آهن جيڪي هڪ انڊين چينل تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٽيم وچ ۾ ٿيندڙ ميچ جي ڪمينٽري دوران استعمال ڪيا ويا. انهن جملن ۾ پاڪستاني بولر عثمان طارق جو ذڪر ٿي رهيو آهي، جنهن جو مخصوص ايڪشن پهريان به بحث جو مرڪز رهيو آهي.
پر گذريل ڏينهن کيڏي ويندڙ ميچ دوران ۽ بعد ۾ عثمان طارق جو ايڪشن ۽ ان جو ’روڪ خاص طور تي انڊيا ۾ زيرِ بحث آهي، جتي هڪ اڳوڻو اسپينر پڻ پاڪستاني بولر جي دفاع ۾ سامهون آيو.
ڪولمبو ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ عثمان طارق 4 اوورن ۾ 27 رنز عيوض 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. هڪ پاسي جتي پاڪستان جي اسپين بولنگ ڪمبينيشن تي ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، اتي ئي انڊيا جي سوشل ميڊيا تي عثمان طارق جو نالو گردش ڪرڻ لڳو آھي.
ڪجهه صارفين عثمان طارق جي بولنگ ايڪشن تي سوال اٿاريا ته ڪجهه اهو سوال ڪيو ته ڇا بال اڇلائڻ کان اڳ ’ساھي پٽڻ‘ڪرڪيٽ قانون موجب درست به آهي يا نه؟ سريواتس گوسوامي نالي انڊين شھري لکيو ته ”فٽ بال ۾ به هاڻي پينلٽي ڪڪ کان اڳ رانديگرن کي روڪڻ جي اجازت ناهي، ته هي ڪيئن ٺيڪ آهي؟ ايڪشن درست هوندو پر بال اڇلائڻ کان بلڪل اڳ بيهڻ؟ هي جاري نه رهڻ گهرجي.“
پنهنجي بولنگ ايڪشن بابت عثمان طارق ڇا ٿو چئي؟
عثمان طارق لڳ ڀڳ هڪ سال اڳ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي چڪو آهي ته سندس بولنگ ايڪشن ان ڪري غير معمولي آهي ڇو ته کيس ’ٻه ڪُهڻيون‘ آهن. هن چيو ته جڏهن سندس ايڪشن تي اعتراض ٿيو ته هو ڊاڪٽرن وٽ ويو، جتي سندس ٻنهي ٻانهن جو جائزو ورتو ويو.
عثمان طارق موجب، سندس جسم جو فريم عام ماڻهوءَ کان مختلف آهي. هن چيو ته ”هي پيدائشي معاملو آهي ۽ منهنجي ٻانهن ٻن ڪُهڻين جي ڪري سڌي نٿي ٿي سگهي.“