اسلام آباد: پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي ڊاڪٽر عثمان انور کي ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي مقرر ڪيو ويو آهي۔
وفاقي حڪومت پاران ڊي جي ايف آءِ اي راجا رفعت مختار کي عھدي تان ھٽائي ڊاڪٽر عثمان انور جي ڊي جي ايف آءِ اي طور مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي۔
ڊاڪٽر عثمان انور کي جنوري 2023ع ۾ آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو هو، جڏھن تہ گذريل ڏينهن سندس جاءِ تي رائو عبدالڪريم کي آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو هو۔
رائو عبدالڪريم جي آءِ جي پنجاب طور مقرري جو بہ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ راجا رفعت مختار کي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي۔ ….