اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ آبنائي هرمز ۾ پيدا ٿيل رڪاوٽن جا اثر عالمي توانائي مارڪيٽ سان گڏ پاڪستان تي به پئجي رهيا آهن، جتي جولاءِ دوران ملڪ جو تيل درآمدي بل وڌي 1.28 ارب ڊالر، يعني تقريبن 3 کرب 57 ارب 5 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويو.
سینٽر فار ريسرچ آن انرجي اينڊ ڪلين ايئر جي رپورٽ موجب ايران جنگ ۽ آبنائي هرمز ۾ پيدا ٿيل رڪاوٽن کانپوءِ گذريل 6 مهينن دوران فوسل فيول درآمد ڪندڙ ملڪن کي اضافي خرچن جي صورت ۾ مجموعي طور تقريبن 330 ارب ڊالر جو بار برداشت ڪرڻو پيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عالمي سطح تي توانائي جي قيمتن ۽ درآمدي خرچن ۾ واڌ سبب مختلف ملڪن جي معيشتن تي اضافي مالي دٻاءُ وڌيو آهي.
ڀارت جي تيل درآمدي بل ۾ 56 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ
رپورٽ موجب پاڙيسري ملڪ ڀارت جي خام تيل جي درآمدي بل ۾ پڻ 56 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن سان عالمي توانائي بحران جا اثر ايشيا جي وڏين معيشتن تائين به پهچي ويا آهن.
يورپي يونين تي سڀ کان وڏو مالي بار
سینٽر فار ريسرچ آن انرجي اينڊ ڪلين ايئر موجب اضافي توانائي خرچن جو سڀ کان وڏو بار يورپي يونين تي پيو، جنهن کي تقريبن 78 ارب ڊالر جا اضافي خرچ برداشت ڪرڻا پيا.
ان کانپوءِ چين 35 ارب ڊالر جي اضافي بار سان ٻئي ۽ ڀارت 22 ارب ڊالر سان ٽئين نمبر تي رهيو.
رپورٽ موجب ايران جنگ ۽ آبنائي هرمز ۾ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن سبب تيل ۽ ٻين فوسل فيول جي فراهمي بابت خدشا وڌيا، جنهن جا اثر عالمي قيمتن ۽ درآمدي خرچن تي پيا.
توانائي جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ يا آبنائي هرمز ۾ صورتحال ڊگهي ٿيڻ جي صورت ۾ تيل درآمد ڪندڙ ملڪن، خاص طور تي درآمدي توانائي تي ڀاڙيندڙ معيشتن لاءِ مالي دٻاءُ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي.