عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر منتقل ڪري ڇڏيا

فہرستِ مضامین

عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر منتقل ڪري ڇڏيا آهن.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پڌرائي جاري ڪندي ٻڌايو تہ آءِ ايم ايف کان ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسِلٽي  ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبيلٽي فيسِلٽي  تحت ھڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر ملي چڪا آھن.

اسٽيٽ بينڪ موجب، آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ 8 ڊسمبر 2025 واري پنهنجي اجلاس ۾ ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسِلٽي تحت پاڪستان لاءِ ٻيو جائزو مڪمل ڪيو ۽ 760 ملين ايس ڊي آر جي رقم جي منظوري ڏني.

ان کان علاوہ، ايگزيڪيوٽو بورڊ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبيلٽي فيسِلٽي جي پهرين قسط طور 154 ملين ايس ڊي آر جي منظوري پڻ ڏني.

 پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو تہ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي ٻنهي مدن مان مجموعي طور 914 ملين ايس ڊي آر، يعني لڳ ڀڳ ھڪ ڏھائي 2 ارب آمريڪي ڊالر جي رقم، 10 ڊسمبر 2025 تي موصول ٿي چڪي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ وڌيڪ ٻڌايو تہ اها رقم 12 ڊسمبر 2025 تي ختم ٿيندڙ هفتي واري اسٽيٽ بئنڪ جي مٽا سٽا واري ذخيري ۾ شامل  ٿي ويندي.

واضح رھي تہ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ گذريل سومر، 8 ڊسمبر تي، پاڪستان لاءِ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني ھئي..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں