عالمي عدالت جو ماحولياتي تبديليءَ بابت تاريخي فيصلو، ملڪ ھڪ ٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرائي سگھندا

فہرستِ مضامین

گڏيل قومن جي عالمي عدالت ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ھڪ تاريخي فيصلو ڏيندي چيو آھي تھ ماحولياتي تبديلي سان واڳيل مسئلن تي ملڪ ھڪ ٻئي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگھن ٿا.

نيدرلينڊ جي شھر ھيگ ۾ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس (آءِ سي جي) پنھنجي فيصلي ۾ چيو آھي تھ ماحول کي گرين ھائوس گئسز جي اخراج کان بچائڻ رياستن جي ذميواري آھي، ماحولياتي تبديلي بابت پئرس معاھدي تحت عالمي گرمي پد کي 1.5 سيلسيس تائين محدود رکڻو آھي.

ماحول کي نقصان رسائيندڙ رياستن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا: عالمي عدالت

عالمي عدالت پنھنجي فيصلي ۾ چيو تھ جيڪڏھن رياستون انھن ذميوارين جي  ڀڃڪڙي ڪن ٿيون تھ ھنن کي ڪيسن جو منھن ڏسڻو پوندو ۽ آئندھ اھڙين غلطين جو ورجاءُ نھ ڪرڻ ۽ حالتن آھر ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ جون ضمانتون ڏيڻيون پونديون.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پنھنجي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪئي آھي. وڊيو پيغام ۾ گوتريس چيو تھ عالمي عدالت جو ھي فيصلو اسان جي ڌرتي ۽ ماحولياتي انصاف لاءِ وڏي فتح آھي.

عالمي عدالت پنھنجي فيصلي جي حق ۾ دليل طور انساني حقن ۽ ماحولياتي تحفظ بابت رياستن جي طئي ڪيل معاھدن ۽ وعدن جو حوالو ڏنو.

عدالت فيصلي ۾ چيو تھ رياستون بايو ڊائيورسٽي ڪنوينشن، ڪيوٽو پروٽوڪول ۽ پئرس ايگريمينٽ جھڙن ماحولياتي ۽ اوزون ليئر معاھدن ۾ ڌر بڻيل آھن، جيڪي ھنن کي ان ڳالھھ جو پابند بڻائين ٿا تھ اھي سموري دنيا جي ماڻھن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ماحول جو تحفظ يقيني بڻائينديون.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو تھ جيئن تھ صاف سٿرو، صحتمند ۽ جٽادار ماحول ڪيترن ئي انساني حقن جو بنيادي شرط آھي ۽ رياستون يونيورسل ڊڪليئريشن آف ھيومن رائيٽس سميت انساني حقن جي ڪيترن ئي معاھدن ۾ شامل آھي، تنھن ڪري اھي ماحولياتي تبديلي سان واڳيل اھڙن حقن جي بحالي کي يقيني بڻائڻ جون بھ پابند آھن.

ماحولياتي ڪيس جو پسمنظر

سيپٽمبر 2021 ۾ پئسفڪ جي ٻيٽ تي ٻڌل رياست جمھوريھ ونوئاتو پاران اعلان ڪيو ويو ھو تھ ھــُو ماحولياتي تبديلي جي معاملي تي عالمي عدالت جي راءِ ۽ رھنمائي لاءِ آءِ سِي جَي سان رجوع ڪندو.

ونوئاتو جي اھڙي قدم جي ٻين رياستن بھ حمايت ڪئي ۽ 29 مارچ 2023 تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ھڪ ٺھراءُ منظور ڪيو، جنھن ۾ ٻن سوالن تي عالمي عدالت کي رھنمائي جي درخواست ڪئي وئي.

ھڪ اھو تھ انٽرنيشنل قانون تحت ماحول جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ رياستن جون ڪھڙيون ذميواريون ھجن ٿيون؟ ۽ ٻيو اھو تھ انھن ذميوارين جي ڀڃڪڙي ڪندي ماحوليات کي نقصان رسائيندڙ رياستن خلاف ڪھڙي قانوني ڪارروائي ٿي سگھي ٿي؟

گڏيل قومن جو چارٽر جنرل اسيمبلي يا سيڪيورٽي ڪائونسل کي عالمي عدالت کان ڪنھن معاملي تي رھنمائي يا راءِ وٺڻ جي درخواست ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ عالمي عدالت جي اھا راءِ رياستن کي قانوني طور پابند بڻائيندڙ نھ ٿي ھجي، تنھن ھوندي بھ ان جي قانوني توڙي اخلاقي طور وڏي اھميت ھجي ٿي ۽ اھا رياستن جي ذميوارين جو تعين ڪرڻ ۾ مدد بھ فراھم ڪري ٿي.

عالمي عدالت جي ھڪ جج يوجي ايوا ساوا فيصلي ۾ تسليم ڪيو تھ اھو طئي ڪرڻ تي ڪھڙي ملڪ ماحولياتي تبديليءَ جو ڪھڙو حصو پيدا ڪيو، ھڪ مشڪل ڪم ٿي سگھي ٿو.

جج يوجي ايوا ساوا چيو تھ ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ گرين ھائوس گيسز جي اخراج جو سبب انساني سرگرميون آھن، جيڪي ڪنھن ھڪ علائقي تائين محدود نھ آھن. عالمي عدالت ماحولياتي تبديلي کي ھڪ فوري ۽ وجودي خطرو قرار ڏنو.

عالمي عدالت جي فيصلي کان اڳ ھيگ ۾ عدالت ٻاھران ماحوليات جي تحفظ لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا. ھو نعرا ھڻي رھيا ھئا تھ اسان کي ڇا گھرجي؟ ماحولياتي انصاف! ڪڏھن گھرجي؟ ھاڻي!

پئرس معاھدو ڪڏهن ۽ ڇو ٿيو ؟

گڏيل قومن جي انتظام ھيٺ 2015 ۾ پئرس ۾ ٿيل ڳالھين جي پڄاڻي تي 190 ملڪن ان ڳالھھ تي اتفاق ڪيو ھو تھ عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري سيلسيس تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

پر اھو معاھدو ھيل تائين عالمي سطح تي گرين ھائوس گئسز جي اخراج ۾ اضافو روڪڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آھي.

گڏيل قومن جي تازي رپورٽ “ايميگيشن گيپ رپورٽ” موجب جيڪڏھن ھاڻوڪيون ماحولياتي پاليسيون جيئن جو تيئن جاري رھيون تھ سال 2100 تائين عالمي گرمي پد صنعتي انقلاب کان اڳ واري دور جي ڀيٽ ۾ 3 ڊگري سيلسيس کان بھ وڌي ويندو.

ماحولياتي تحفظ لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪنن جو چوڻ آھي تھ عالمي عدالت جو فيصلو ڀلي رڳو مشاورتي حيثيت ڇو نھ رکندو ھجي پر ان فيصلي کي ھڪ نئون موڙ ثابت ڪرڻ گھرجي.

ماحولياتي انصاف لاءِ سرگرم ڪارڪن ھاڻي حڪومتن ۽ ڪمپنين کي عدالت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ۽ ان نوعيت جي ڪيسن ۾ زبردست اضافو ٿيو آھي.

ھلندڙ سال جون جي انگ اکرن موجب دنيا جي 60 ملڪن ۾ ماحوليات سان جڙيل 3 ھزار کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿي چڪا آھن. ماحول جي تحفظ لاءِ دنيا ۾ جاري جاڳرتا جي لھر ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي.

پاڪستان ۾ اوچتو پيل طوفاني برساتن ۽ ٻوڏن ۾ ھزارين ماڻھن جون جانيون ضايع ٿيڻ ۽ يورپ ۾ ھلندڙ سال گرميءَ جي لھر دوران 2 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو فوت ٿيڻ جھڙن واقعن بعد اھو ثابت ٿي ويو آھي تھ ماحولياتي تبديلي انسان ذات لاءِ واقعي بھ ھڪ وڏو خطرو آھي، سڀني کي گڏجي ان خطري جو مقابلو ڪرڻو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں