عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 700 ملين ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 700 ملين ڊالرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي

عالمي بئنڪ پاران منظوري پاڪستان پبلڪ ريسورسز فار انڪليوسو ڊولپمينٽ پروگرام تحت ڏني وئي آهي، هي منصوبو ميڪرو اقتصادي استحڪام ۽ عوامي خدمتن جي بهتري لاءِ آهي۔

عالمي بئنڪ موجب، هن پروگرام تحت مجموعي طور تي 1.35 ارب ڊالر تائين فنانسنگ فراهم ڪئي ويندي، جنهن مان 600 ملين ڊالر وفاق لاءِ ۽ 100 ملين ڊالر سنڌ لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، جڏھن تہ فنڊز جي فراهمي سڌاري ھدف حاصل ڪرڻ سان مشروط ھوندي .

عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي تہ هي منصوبو ٽيڪس نظام ۾ بهتري ۽ مالي شفافيت تي ٻڌل آھي، جڏھن تہ ڊجيٽل ڊيٽا ۽ مالي نظام کي بهتر بڻائي سروس ڊيليوري ۾ بهتري آڻڻ جو هدف رکيو ويو آهي۔

هي پروگرام آءِ ايم ايف ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسيلٽي سان هم آهنگ آهي، پروگرام تحت سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم لاءِ وسيلن ۾ واڌ امڪان آهي، جڏھن تہ سڌارن سان شفافيت ۽ عوامي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں