عائشہ عمر ”ڊيٽنگ“ ريئلٽي شو ”لازوال عشق“ ڪنھن کان متاثر شروع ڪيو؟

فہرستِ مضامین

اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان عائشہ عمر پھريون ڀيرو ھڪ انوکي اردو ريئلٽي شو جي ميزباني ڪندي نظر ايندي، جنھن کي جلد ئي يوٽيوب تي ريليز ڪيو ويندو.

عائشہ عمر انوکي ريئلٽي ڊيٽنگ شو ”لازوال عشق“ جي ميزباني ڪندي نظر ايندي جيڪو اردو سمجھندڙن ناظرين لاءِ پنھنجي نوعيت جو پھريون پروگرام قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ پاڪستان ۾ اھڙا شو ٿيڻ وڏو چيلينج رھيو آھي.

شو ترڪي جي مشھور شو ” عشق آداسي“ مان متاثر آھي، يوٽيوب تي نشر ڪيو ويندو۔

پاڪستاني پھريون ڀيرو اھڙو شو ڏسندا؟

پاڪستاني ناظرين پهريون ڀيرو اهڙي قسم جو پروگرام ڏسندا، ڇو⁠تہ عام طور تي اهي رومانوي مقابلي تي ٻڌل ريئلٽي شوز سان ايترا واقف نه رهيا آهن۔

ساڳي قسم جو پهريون عالمي ريئلٽي ڊيٽنگ شو ”دي بيچلر“ 2002ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ ان جا ڪيترائي سيزن هلي چڪا آهن، ان کان پوءِ برطانيه ۾ اهڙو ئي شو ”لو آئيلينڊ“ شروع ڪيو ويو، پر پاڪستاني مداحن لاءِ اڃا تائين اهڙو ڪو ڊيٽنگ شو نه هو۔

”لازوال عشق“ جي جاري ڪيل ٽيزر مان ظاهر ٿئي ٿو ته شو دوران چار مرد ۽ چار عورت هڪ شاندار بنگلي ۾ گڏ رهندا، جتي انهن جي هر حرڪت ڪئمرا تي رڪارڊ ڪئي ويندي۔

امڪاني طور تي 100 قسطن تي ٻڌل هن شو ۾ شرڪت ڪندڙن کي مختلف چيلينجز، راندين، اتحاد ۽ دشمنيءَ مان گذرڻو پوندو، آخر ۾ هڪ ”فاتح جوڙو“ چونڊيو ويندو، جيڪو عالمي ڊيٽنگ ريئلٽي شوز جي مقابلي جي طرز تي هوندو۔

شو جي ٽيزر ۾ڪھڙا منظر آھن؟

شو جي ٽيزر ۾ عائشہ عمر کي ترڪيه جي مشهور سياحتي هنڌن تي ڏسي سگهجي ٿو، جتي هوءَ سمنڊ تي ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪندي ۽ پوءِ هڪ شاندار بنگلي ۾ داخل ٿيندي نظر اچي رھي آھي.

ريئلٽي شو جي بنگلي ۾ خوبصورت تلاءُ (سوئمنگ پول)، ڪچن ۽ لان به موجود آهن۔

ٽيزر ۾ چئن جوڙن کي پنهنجن سوٽ ڪيسن سان گڏ بنگلي ۾ پهچندي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي محبت جي ڳولا ۾ پنهنجي قسمت آزمائيندا.

ياد رهي ته ترڪي جو شو ”عشق آداسي“ اڳ ۾ ئي فارسي (”عشق ابدي“) ۽ عربي (”قسمت و نصيب“) جي پروگرامن کان متاثر ٿي تيار ڪيو ويو هو۔

”لازوال عشق“ پنهنجي شاندار پروڊڪشن، ترڪي جي خوبصورت منظرن ۽ پاڪستاني شرڪت ڪندڙن جي مزاج سان اردو ڳالهائيندڙ ناظرين لاءِ اهو ئي جادو پيدا ڪندو، جيڪو ”لو آئيلينڊ“ برطانوي ناظرين لاءِ ڪيو هو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں