افغانستان ۾ طالبان رجيم تي امدادي سامان ڦر ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آھي، افغان رسالي جي رپورٽ موجب قندوز ۾ افغان طالبان ضرورت مندن لاءِ ايندڙ امداد جو اڌ حصو پاڻ وٽ رکي ڇڏيو
سعودي بادشاھ سلمان ھيومينٽي ٽيرين ايڊ امدادي پيڪجز فراھم ڪيا ھئا.
رپورٽ موجب آمريڪي اسپيشل انسپيڪٽر جنرل فار افغانستان ري ڪنسٽريڪشن جي رپورٽ ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، امدادي سرگرمين ۾ مداخلت جا 150 واقعن مان 95 سيڪڙو طالبان رجيم پاڻ ڪيا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ افغان طالبان رجيم پاران امدادي سامان پنهنجي من پسند ماڻهن ۾ ورھايو پيو وڃي، افغان عوام لاءِ عالمي امداد 2025 ۾ 10.72 ارب ڊالر تائين پھتو ۽ امداد ۾ سڀ کان وڌيڪ 3.83 ارب ڊالر آمريڪا مهيا ڪيا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي تہ 293 ملين ڊالر دهشتگرد نيٽ ورڪس جي هٿن ۾ پهچي چڪا آهن۔…