ڊي جي آءِ ايس پي آر، ليفيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي تہ پاڪستان جي سيڪيورٽي جي ضامن ھٿياربند فوج آھي ۽ اها ضمانت ڪابل کي نہ ڏيڻي آهي، هن چيو تہ طالبان اسان جي سيڪيورٽي اهلڪارن کي سرن جا فٽبال بڻائي ٿا کيڏن، انهن سان ڳالھيون ڪيئن ٿيون ٿي سگھن؟
سينيئر صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ پاڪستان ڪڏھن بہ طالبان جي آمد تي جشن ناھي ملھايو، ويڙھ طالبان گروپن سان آهي، ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين تنظيمن خلاف ڪارروايون جاري آهن، پاڪستان جي سيڪيورٽي جي ضامن ھٿياربند فوج آھي، اها ضمانت ڪابل کي ناھي ڏيڻي.
ڊرونز بابت سوال تي هن چيو تہ اسان جو آمريڪا سان ڪو بہ معاهدو ناهي، ڊرونز بابت طالبان رجيم طرفان ڪا باضابطہ شڪايت ناھي ملي، آمريڪا جو ڪو بہ ڊرون پاڪستان مان نہ ٿو وڃي، اطلاعات واري وزارت ڪيترائي ڀيرا ان جي وضاحت بہ ڪئي آھي، اسان جو ڪنهن بہ قسم جو معاهدو ناهي تہ پاڪستان مان ڊرون افغانستان ويندا.
هن چيو تہ طالبان رجيم دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪري ٿي، استنبول ۾ طالبان کي واضح ڪيو ويو آهي تہ دهشتگردي کين ڪنٽرول ڪرڻي آھي ۽ اھا ڪيئن ڪرڻي آھي اھو انھن جو ڪم آھي.
هن وڌيڪ چيو تہ اهي اسان جا ماڻهو هئا، جڏھن هتي دهشتگردي خلاف آپريشن ڪيو ويو تہ اھي فرار ٿي افغانستان هليا ويا، انهن کي پاڪستان حوالي ڪيو انهن سان آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.
هن چيو تہ اصل مسئلو دهشتگردي، ڏوھاري قسم جي ماڻھن ۽ ٽي ٽي پي جو گڏيل نيٽورڪ آھي، هن وضاحت ڪئي تہ اهي ماڻهو آفيم پوکيندا آهن ۽ في ايڪڙ 18 کان 25 لک رپيا پيداوار حاصل ڪندا آهن، سڄي آبادي انهن سان گڏ ٿي وڃي ٿي، ان جو حصو افغان طالبان، ٽي ٽي پي ۽ ٻين ڏانھن وڃي ٿو، دهشتگردي، چرس، اسمگلنگ سڀئي ڪم اهي گڏجي ڪندا آهن ۽ ان مان پئسا ڪمائيندا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ اسان ڪڏھن بہ ناھي چيو تہ فوج وادي تیرہ ۾ ڪو آپريشن ڪيو آهي، جيڪڏھن آپريشن ڪيو ويندو تہ ان بابت ٻڌايو ويندو، اسان انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا آهن، جن ۾ تقريبن 200 جوان ۽ آفيسر شهيد ٿيا آھن.
گورنر راڄ بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ ھي پر وفاقي حڪومت جي ذميواري آھي، جيڪي ماڻھن مسجدن ۽ مدرسن تي حملا ڪندا آھن انھن خلاف ڪاروائي ڪندا آھيون.
ليفيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو تہ استنبول ۾ جيڪا ڪانفرنس ٿيڻ واري آهي، ان بابت اسان جو موقف بلڪل واضح آهي، هن وضاحت ڪئي تہ دهشتگردي نہ ٿيڻ گهرجي، مداخلت نہ ٿيڻ گهرجي ۽ افغان زمين استعمال نہ ٿيڻ گهرجي، جنگبندي معاھدو اسان جي طاقت سان ٿيو ۽ افغان طالبان اسان جي دوست ملڪن وٽ هليا ويا هئا.
غزا ۾ فوج موڪلڻ بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ ھي اسان جو نہ پر حڪومت جو معاملو آھي.