طالبان جي عبوري حڪومت ۾ پاڪستان مخالف لابي سرگرم آھي: پرڏيھي ترجمان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد :  استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور بابت پرڏيهي کاتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آھي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور استنبول ۾ 7 نومبر تي ختم ڪيو، پاڪستان ترڪيہ ۽ قطر جي ٽياڪڙي جي هاڪاري قدمن کي ساراهيو.

بيان ۾ چيو ويو تہ طئي ٿيل دورانيي باوجود افغان حڪومت دهشتگرد عنصرن خلاف ٺوس ڪارروائي نہ ڪئي، گذريل 4 سالن ۾ افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ وڏي واڌ ٿي آهي، پاڪستان هر دفعي صبر جو مظاهرو ڪيو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو تہ طالبان حڪومت دهشتگرد عنصرن کي پناهہ ڏئي انهن جي سرگرمين کي هٿي ڏني، اهو مسئلو انساني همدردي جو معاملو ناهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا دهشتگردن جي حوالگي جو مطالبو ڪيو پر طالبان اڪثر غلط بياني يا لاتعلقي جو حوالو ڏنو.

ترجمان موجب اسان ڳالهين جا حامي آهيون پر دهشتگرد سرگرمين خلاف قدم ضروري آهن، افغان طالبان جي عبوري حڪومت ۾ پاڪستان مخالف لابي سرگرم آهي، پاڪستان پنهنجي سرحدن ۽ عوام جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، دهشتگرد عنصر ۽ انهن جا مددگار دوست نہ سمجهيا ويندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں