طالبان جي دعويٰ ڪوڙي ثابت، 2025 ۾ افغانستان مان پاڪستان تي 600 حملا ٿيا : رپورٽ

فہرستِ مضامین

نيويارڪ : سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ ۾ دهشتگرد گروھن پاران افغان سرزمين کي سرحد پار حملن لاءِ  استعمال نہ ڪرڻ واري افغان طالبان جي دعويٰ رد ڪئي وئي آهي.

سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي مددگار ۽ پابندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم جي 16 هين رپورٽ ۾ ان دعويٰ کي کي غلط قرار ڏنو ويو آھي.

رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي تہ علائقي جا ملڪ افغانستان کي وڌندڙ علائقائي عدم استحڪام جو ڳڙھن سمجهڻ لڳا آهن ۽ ڪيئي ميمبر ملڪن آگاهہ ڪيو آهي تہ داعش خراسان، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، القاعدهہ، ترڪستان اسلامي پارٽي، انصار الله ۽ ٻيا دهشتگرد گروھ افغانستان ۾ سرگرم آهن ۽ ڪجهہ پرڏيهي حملن جي رٿابندي بہ ڪري رھيا آهن.

رپورٽ موجب، القاعده جا طالبان سان ويجها رابطا آهن، جڏھن تہ داعش خراسان طالبان جو اهم مخالف گروھ سمجهيو وڃي ٿو.

رپورٽ ۾ سڀ کان وڏو علائقائي خطرو ٽي ٽي پي قرار ڏنو ويو آهي، جيڪا افغانستان مان ڪارروايون ڪري رھي آهي، رپورٽ موجب طالبان قيادت ۾ ان معاملي تي اختلاف آهي، ڪجهہ سينيئر ميمبر ٽي ٽي پي کي پاڪستان سان لاڳاپن لاءِ نقصانڪار سمجهن ٿا، جڏھن تہ ڪجهہ اڃا بہ ان جي حمايت ڪن ٿا،

گڏيل قومن جو چوڻ آهي تہ ٽي ٽي پي 2025 ۾ پاڪستان ۾ 600 حملا ڪيا، جن ۾ گهڻي ڀاڱي آپهگاتي بمبار افغان شهري هئا.

رپورٽ موجب، پاڪستان بہ دهشتگردي جي خاتمي واري شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جن ۾ داعش خراسان جي ترجمان سلطان عزيز اعظم ۽ ٻين اهم شدت پسندن جي گرفتاري شامل آهي.

رپورٽ موجب طالبان جي اندر ڪجهہ عنصر ٽي ٽي پي سان همدردي رکن ٿا ۽ تاريخي لاڳاپن سبب طالبان طرفان هن گروھ خلاف اثرائتي ڪارروائي جو امڪان گهٽ نظر اچي رھيو آھي.

ٽي ٽي پي جي سرگرمين پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن کي سخت متاثر ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سرحدي چڪريون، جاني نقصان ۽ واپار ۾ خلل پيدا ٿيو آهي۔

گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي تہ افغانستان ۾ شدت پسند گروھن جي مسلسل موجودگي نہ رڳو خطي لاءِ پر عالمي امن لاءِ پڻ هڪ سنگين خطرو بڻجندي پئي وڃي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں