اسلام آباد : دفاع واري وزير خواجہ آصف چيو آھي تہ ضرورت پئي تہ طالبان رجيم کي شڪست ڏئي دنيا لاءِ مثال بڻائي سگھون ٿا.
پنھنجي بيان ۾ دفاع واري وزير محمد خواجہ آصف استنبول ڳالھيون ناڪام ٿيڻ تي چيو تہ افغان طالبان رجيم مسلسل برادر ملڪن کي ڳالھين لاءِ درخواستون ڪري رھي ھئي ۽ برادر ملڪن جي درخواست تي پاڪستان افغان طالبان رجيم سان امن خاطر ڳالھين جي آڇ کي قبول ڪيو.
هن چيو ته ڪجهہ افغان اختيارين جا زهريلا بيان اهو ظاهر ڪن ٿا تہ طالبان رجيم اندر ڏڦيڙ ۽ ڌوڪو موجود آهي، پاڪستان واضح ڪري ٿو ته طالبان رجيم کي ختم ڪرڻ يا انهن کي پھاڙن ۾ لڪڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي پنھنجي پوري طاقت استعمال ڪرڻ جي ڪا بہ ضرورت ناھي.
خواجہ آصف چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي تہ اسان انهن کي تورا بورا جهڙن علائقن ۾ شڪست ڏئي ماڻهن لاءِ مثال بڻائي سگهون ٿا، افسوس ٿئي ٿو تہ طالبان رجيم رڳو پنهنجي قابض حڪمراني ۽ جنگي معيشت بچائڻ لاءِ افغانستان کي هڪ ٻئي تڪرار ۾ ڌڪيندي پئي وڃي.
هن چيو ته طالبان اختيارين پنهنجي ڪمزوري ۽ جنگي دعوائن جي حقيقت کي ڄاڻيندي به ظاهري طور افغان عوام ۾ پنهنجي خراب ساکھ کي بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن.
دفاع واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته حقيقت اھا آهي ته افغانستان، طالبان جي ڪري، پنهنجي ئي ماڻهن لاءِ هاڻي هڪ قبرستان کان گهٽ ناهي. تاريخي طور افغانستان شايد سلطنتن جو قبرستان نه رهيو هجي، پر اهو هميشه وڏين طاقتن جي راند جو ميدان ضرور رهيو آهي، طالبان جا اهي ويڙھاڪ، جيڪي علائقي ۾ افراتفري ۽ بدامني پکيڙڻ ۾ پنهنجو ذاتي فائدو ڏسي رهيا آهن، انھن شايد پاڪستاني عزم ۽ حوصلي کي غلط انداز ۾ پرکيو آهي.
خواجہ آصف چيو ته جيڪڏهن طالبان رجيم وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته دنيا ڏسندي ته انهن جون ڌمڪيون رڳو ڏيکاءُ هيون، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به دھشتگرداڻي يا آپگھاتي حملي کي برداشت نه ڪندو ۽ ڪنهن به مہم جوئي جو جواب سخت ھوندو. هن چيو ته طالبان رجيم کي گهرجي ته پنهنجي انجام جو حساب ضرور رکن، ڇو ته پاڪستان جي عزم ۽ صلاحيتن کي آزمائڻ کين مهانگو پوندو