خيبرپختونخواھ جي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو آھي تہ صوبي ۾ امن قئام ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ھو، بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ فيصلا وري اسان جي زندگي ڏکئي بڻائي ڇڏي آهي.
پشاور ۾ شھيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي جي ڪانوڪوويشن ۾ خطاب ڪندي سھيل آفريدي چيو تہ اسان پاڪستان لاءِ بار بار قربانيون ڏنيون آهن ۽ ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو، منهنجين اکين ۾ ڳوڙھا ڊپ کان نہ پر عوام جي ڏک لاءِ آهن، 14 سالن کان اسان جي خيبر پختونخوا وارن ماڻهن کي ڏک ۽ بي گهر ٿيڻ جا ڏک برداشت ڪرڻا پيا آهن.
سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ خيبر پختونخوا ۾ امن مشڪل سان قائم ڪيو ويو هو، پر بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ فيصلا وري زندگي مشڪل بڻائي ڇڏي آهي.
هن درخواست ڪئي تہ آپريشن عوام کي اعتماد ۾ وٺي ڪيا وڃن ۽ چيو، “جيڪڏھن مقصد واقعي دهشتگردي جو خاتمو آهي تہ اچو ۽ اسان سان گڏ پاليسي ٺاهيو.
سھيل آفريدي اعلان ڪيو تہ جنهن جو گهر تباه ٿيندو، انهن کي هر گهر لاءِ 4 لک رپيا ڏنا ويندا.