اسلام آباد:ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو آھي تہ صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو آھيان، ڪور ڪمانڊر مبارڪباد ڏيڻ آيو ھو.
سپريم ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي سھيل آفريدي چيو تہ پاڪستان ۾ آئيني بحران پوري دنيا ڏسي رھي آھي، ججز جي حڪمن کي ھوا ۾ اڏايو پيو وڃي، سندن ليڊر جا ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نہ پيا ڪيا وڃن، 190 ملين پائونڊ ڪيس نہ پيو لڳايو وڃي، گذارش آھي تہ اھي ڪيسز لڳايا وڃن، جنھن ڏينھن پاڪستان ۾ انصاف ٿيندو، ان ڏينھن ناحق قيد ڪيل ماڻھو ٻاھر ھوندا.
ھڪ سوال جي جواب ۾ سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ ڪور ڪمانڊر مبارڪباد ڏيڻ آيو ھو، مان صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو آھيان، منھنجي آفيس سڀ ايندا تہ ڪور ڪمانڊر بہ ايندو.
افغان طالبان سان جاري ڳالھين جي حوالي سان ڪي پي جي وڏي وزير چيو تہ جيڪو موقف ليڊر جو آھي اھو ئي اسان جو آھي، دوحہ ڳالھين بابت اسيمبلي فلور تي تقرير موجود آھي، مان ان کي سٺو سنوڻ چيو ھو.
سھيل آفريدي چيو تہ ان ڳالھين سان صوبائي حڪومت سڌي ريت متاثر ٿيندي، پر اسان کي اعتماد ۾ نہ ورتو ويو، جيڪي ڳالھيون ڪامياب بڻائي سگھن ٿا انھن کي ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ گھرجي.