صوبائي وزير سعيد غني جو ڀاءُ فرحان غني گرفتار، ڪيس داخل

فہرستِ مضامین

پيپلز پارٽي جي سينيئراڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني جي ڀاءُ ٽائون چيئرمين فرحان غني کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي، فرحان غني تي ساٿين سان گڏجي ھڪ اداري جي اھلڪار تي تشدد ڪرڻ جو الزام آھي، فيروز آباد ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ فرحان غني ساٿين سان گڏجي ھڪ اداري جي اھلڪار کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس فرحان غني کي حراست ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

فرحان غني تي داخل ڪيس ۾ ڪھڙا قلم لڳايا ويا ؟ 

فيروز آباد ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ صوبائي وزير سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني تي  قتل جي ڪوشش، دھشتگردي ۽ ٻيا سنگين قلم لڳايا ويا، واقعي جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد پوليس طرفان معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آھي.

فرحان غني خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ حافظ سھيل ڪير آھي؟

پوليس موجب فريادي حافظ سھيل ھڪ اداري جو اھلڪار آھي، فيروز آباد ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ حافظ سھيل موقف اختيار ڪيو آھي تھ 22 آگسٽ تي ھو شاھراھ فيصل سروس روڊ تي فائبر ڪيبل وڇائڻ واري ڪم جي نگراني ڪري رھيو ھو تھ 3 گاڏين ۾ 25 کان وڌيڪ ماڻھو پھچي ويا، جن ۾ فرحان غني، قمر احمد، شڪيل ۽ ٻيا شامل ھئا، جن اچڻ سان پڇيو تھ ڪنھن جي اجازت سان کڏا کوٽي رھيو آھين؟، کين ٻڌايو تھ سمورن ادارن جي اين او سي سان ڪم ٿي رھيو آھي، تنھن باوجود انھن ماڻھن تشدد ڪيو۽ پاسي واري ھڪ پيٽرول پمپ جي ڪمري ۾ بند ڪري مارڪٽ ڪئي ۽ مارڻ لاءِ ھٿيار پڻ ڏيکاريا.

سعيد غني جو ردعمل

صوبائي وزير سعيد غني پنھنجي ڀاءُ فرحان غني جي گرفتاري تي سوشل ميڊيا تي ھڪ پوسٽ ۾ ردعمل ڏيندي چيو آھي تھ سندس ڀاءُ ۽ ساٿين جو سھيل نالي شخص سان جھيڙو ٿي پيو ھو، جنھن واقعي جي ايف آءِ آر ڪٽرائي آھي جيڪو سندس قانوني حق ھو، فرحان غني ۽ سندس ساٿي پاڻ گرفتاري ڏئي قانون کي منھن ڏيندي عدالت ۾ پنھنجي بيگناھي ثابت ڪندا .

فرحان غني ڪير آھي؟

فرحان غني صوبائي وزير سعيد غني جو ڀاءُ، پ پ اڳواڻ ۽ چنيسر ٽائون جو چيئرمين آھي، ذريعن موجب فرحان غني جو ايسٽ ضلعي ۾ وڏو رسوخ آھي، شاھراھ فيصل تي ٿيل جھيڙو بھ ان سلسلي ۾ ئي ٿيو، لنڪ روڊ تي ترقياتي ڪم ڪرائيندڙ ھڪ اداري جي اھلڪار کان کڏا کوٽڻ تي پڇا ڳاڇا دوران جھيڙو ٿي پيو ھو جنھن جو ڪيس فيروز آباد ٿاڻي تي داخل ڪري فرحان غني کي گرفتار ڪيو ويو آھي، فرحان غني بھ پنھنجي ڀاءُ سعيد غني وانگر ڪراچي شھر ۾ ٿيندڙ سياست ۾ سرگرم نظر اچي ٿو، فرحان غني جو خاندان ڪيترن ورھين کان پيپلزپارٽي کان سلھاڙيل آھي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں