اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف سان ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون .
صدر آصف علي زرداري سان ايراني سپريم قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر علي لاريجاني ملاقات دوران گڏيل دلچسپي واري معاملن ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالھيون ڪيون، ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي بہ ڳالھيون ٿيون.
صدر، ڊاڪٽر لاريجاني کي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو عھدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ تازي ٻوڏ ۾ يڪجھتي ۽ ايراني ريڊ ڪريسنٽ جي انساني امداد تي ٿورا مڃيا.
صدر، ڀارت سان جنگ دوران ايران جي مستقل حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ اسرائيلي جارحيت بعد ايران لاءِ پاڪستان جي سياسي ۽ سفارتي حمايت جي عزم جو بہ ورجاءُ ڪيو.
صدر تازي جنگ ۾ ايراني عوام جي ثابت قدمي کي سارھايو، سپريم ليڊر جي قيادت جي تعريف ۽ والاريل ڪشمير توڙي فلسطيني عوام لاءِ ايران جي اصولي حمايت کي ساراھيو.
صدر چيو تہ پاڪستان ايران سان ٻطرفي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان–ايران ريلوي رابطو واپار جي ھٿي ۽ سياحت جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي وڌيڪ مضبوط ٿيڻ گهرجي، بھترين ڪنيڪٽيويٽي سان ڪاروباري ماڻھن ۽ زائرين لاءِ سفرآسان ٿيندو.
پڌرائي موجب ايران پاڪستان گئس پائپ لائن بابت صدر گڏيل طور تي قابل عمل حل جي ضرورت تي زور ڏنو.
ڊاڪٽر لاريجاني سپريم ليڊر آيت الله خامنہ اي ۽ صدر مسعود پزشڪيان جا سلام صدرِ تائين پهچايا، ۽ هن سال جي 12 ڏينهن واري جنگ دوران پاڪستان جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت تي ٿورا مڃيا ۔
ڊاڪٽر لاريجاني تازن واقعن ۾ پاڪستان جي ھٿياربند فوجن جي بهادري ۽ ڪاميابين کي ساراهيندي چيو تہ پاڪستان جي فتح اسان جي فتح آهي
هن ٻڌايو تہ ايراني مارڪيٽ ۾ پاڪستاني شين کي ترجيحي پھچ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي حڪم جاري ڪيا ويا آهن، جنهن سان 10 ارب ڊالر جي واپاري هدف حاصل ڪرڻ جو رستو هموار ٿيو آهي۔
صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر علي لاريجاني کي چيو تہ هو سندس سلام سپريم ليڊر تائين پهچائي، ملاقات ۾ علائقي ۽ عالمي حالتن، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي روڪٿام سميت مختلف معاملن تي بہ ڳالهيون ٿيون.

پڌرائي موجب ان کان اڳ ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران اهم علائقي ۽ عالمي تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ملاقات ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي ھٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو ويو، وزيراعظم شهباز شريف علائقي جي مسئلن تي ايران جي اصولي موقف کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي پرامن ۽ خوشحال مستقبل لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو….