صدر کانپوءِ وزيراعظم کي بہ فوجداري ڪيسن کان ڇوٽ جي ترميم پيش

فہرستِ مضامین

صدر کانپوءِ وزيراعظم کي بہ فوجداري ڪيسن کان ڇوٽ ڏيڻ جي ترميم پيش ڪئي وئي آهي۔

ذريعن موجب هي ترميم حڪومتي ميمبر سينيٽر انوشا رحمان ۽ سينيٽر ظاهر خليل طرفان گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪئي وئي.

ذريعن ٻڌايو آھي تہ ترميم موجب، آئيني آرٽيڪل 248 ۾ صدر سان گڏ لفظ وزيراعظم  بہ شامل ڪيو ويندو، ترميم جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم خلاف مدي دوران فوجداري ڪيسن ۾ ڪا بہ ڪارروائي نہ ٿي سگھندي.

ياد رھي تہ 27هين آئيني ترميم ڪابينا جي منظوري کانپوءِ  پوءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ بعد ۾ پارليامينٽ جي قانون ۽ انصاف جي ڪميٽي ڪميٽي ڏانھن موڪليو ويو.

27هين آئيني ترميم تي قانون ۽ انصاف جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو ۽ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي صبح 11 وڳي ٻيهر ٿيندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں