صدر پاران لاھور ھاءِ ڪورٽ جي 11 ججز کي مستقل ڪرڻ جي منظوري

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : صدر آصف علي زرداري لاھور ھاءِ ڪورٽ جي 11 ججز کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.

صدر آصف علي زرداري جي منظوري کانپوءِ قانون واري وزارت ايڊيشنل ججز جي مستقلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آھي.

جڏھن تہ صدر ايڊيشنل ججز جسٽس طارق محمود باجوا جي مدي ۾ 6 مھينن جي واڌ جي منظوري پڻ ڏني آھي، قانون واري وزارت پاران ان جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.

قانون واري وزارت پاران جسٽس حسن نواز مخدوم، جسٽس ملڪ وقار حيدر اعواڻ، جسٽس سردار اڪبر علي، جسٽس احسن رضا ڪاظمي، جسٽس ملڪ جاويد احمد ونس ۽ جسٽس جواد ظفرجي مستقلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آھي.

اھڙي طرح جسٽس خالد اسحاق، جسٽس ملڪ اويس خان، جسٽس سلطان محمود، جسٽس تنوير احمد شيخ ۽ جسٽس عبهر گل خان کي پڻ مستقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں