”صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت جنگ روڪرائي لکين زندگيون بچايون“

فہرستِ مضامین

آمريڪي صد ر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي تہ پاڪستان چيو آهي تہ (ٽرمپ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ روڪرائي لکين ماڻهن جون زندگيون بچايون.

آمريڪي فوج جي 800 سينئر آفيسرن کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ روڪرائڻ جون دعوائون ڪيون، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فليڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي جي دوري جو به ذڪر ڪيو.

صدر ٽرمپ چيو تہ فليڊ مارشل، جيڪو پاڪستان ۾ هڪ انتهائي اهم شخصيت آهي، وزيراعظم پاڪستان سان گڏ آمريڪا آيا هئا.

صدر ٽرمپ چيو تہ شهباز شريف ۽ عاصم منير سان ٿيل ملاقات دوران، اتي موجود گروپ، جنهن ۾ ٻه جنرل به شامل هئا، اُن کي چيو ويو تہ آمريڪي صدر لکين ماڻهن جون زندگيون بچايون آهن … “مون کي تمام گهڻو فخر محسوس ٿيو، اُن طريقي سان جيڪو انداز انهن پيش ڪيو، مون کي تمام پسند آيو.”

آمريڪي صدر چيو تہ سندس چيف آف اسٽاف پڻ اتي موجود هو ۽ انهن چيو تہ هُنن انتهائي خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي.

واضح رهي تہ ٽرمپ جي هن تقرير ۾ اهو واضح ناهي تہ اها “زندگيون بچائڻ” واري ڳالهه شهباز شريف ڪئي يا عاصم منير ڪئي.

ٽرمپ چيو: “ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ هلي رهي هئي ۽ مون ٻنهي ملڪن کي فون ڪيو، هن ڀيري مون جنگ روڪرائڻ لاءِ واپاري کي استعمال ڪيو. مون چيو تہ مان توھان سان واپار نه ڪندس.”

صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر دعوىٰ ڪئي تہ هن جنگ ۾ ڪيترائي جنگي جھاز تباھ ۽ ڪيرايا ويا ھئا، مون ڀارت ۽ پاڪستان کي چيو تہ جيڪڏھن توهان جنگ جاري رکندا ته مان توھان سان ڪو واپار نه ڪندس. مون اها جنگ روڪرائي جيڪا چار ڏينهن کان جاري هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں