صدر سان وزيراعظم جي ملاقات، دھشتگردن خلاف ڪارروايون مڪمل خاتمي تائين جاري رکڻ تي اتفاق

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شھباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .

صدر آصف علي زرداري ۽ شھباز شريف دھشتگردي جي تازي واقعن جي شديد مذمت ڪئي.

صدر ۽ وزيراعظم اتفاق ڪيو تہ پرڏيھي سرپرستي ۾ سرگرم دھشتگردن خلاف ڪارروايون مڪمل خاتمي تائين جاري رھنديون.

صدر ۽ وزيراعظم دھشتگردن جي سھولتڪارن خلاف ڪارروايون بہ دھشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، اسپيڪر اياز صادق، وفاقي وزير محسن نقوي، چوڌري سالڪ حسين، اعظم نذير تارڙ، خالد حسين مگسي ۽ عبدالعيم خان بہ موجود ھو…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں