صدر جي منظوري بعد گلگت بلتستان ۾ چونڊ شيڊول جاري، پولنگ 24 جنوري تي ٿيندي

فہرستِ مضامین

صدر آصف علي زرداري جي منظوري کانپوءِ گلگت بلتستان ۾ چونڊ شيڊول جاري ڪيو ويو آھي

نوٽيفڪيشن موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرڻ لاءِ 15 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آھي، 23 ڊسمبر تي اميدوارن جي فھرست جاري ڪئي ويندي.

30 ڊسمبر تي ڪاغذن جي اسڪرونٽي ٿيندي، جڏھن تہ 10 جنوري تي اپيل بابت فيصلا ڏنا ويندا.

اميدوارن جي حتمي فھرست 11 جنوري تي جاري ڪئي ويندي ۽ نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ لاءِ 12 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آھي.

13 جنوري تي چونڊ نشان جاري ڪيا ويندا ۽ 24 جنوري تي گلگلت بلتستان ۾ پولنگ ٿيندي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں