صدر جون چين ۾ اھم ملاقاتون، دشمن پاڪ چين دوستي کي نقصان نٿا پھچائي سگھن: آصف زرداري

فہرستِ مضامین

شنگھائي ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري چيو آھي تہ مخالف ۽ دشمن پاڪ چين دوستي کي نقصان نٿا پھچائي سگھن، پاڪ چين دوستي وقت سان گڏ ۽ ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

چين جي دوري تي پھتل صدر آصف زرداري سان شنگھائي ۾ موجود آھي، جتي اھم ملاقاتن جو سلسلو جاري آھي، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفہ ڀٽو زرداري، سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، صوبائي وزير ناصر شاھھ ۽ سليم مانڊوي والا بہ ساڻس گڏ آھن.

صدر آصف علي زرداري شنگھائي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنہ جي سيڪريٽري چن جينينگ سان ملاقات ڪئي، کيس  خصوصي اقتصادي زونز ۽ گوادر فري زون ۾سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.

پاڪستان ۽ چين آئرن بردار ملڪ

ملاقات دوران ڳالھائيندي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنہ جي سيڪريٽري چيو تہ ھر چيني پاڪستان کي آئرن بردار ۽ ھر موسم جو ساٿي سمجھي ٿو، فيبروري ۾ صدر آصف زرداري ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي ملاقات نتيجو ڏيندڙ رھي.

سي پي سي جي سيڪريٽري وڌيڪ چيو تہ ٻئي ملڪ ايندڙ سال ٻنھي ملڪن جي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي جشن ملھائڻ جو منتظر آھن.

پاڪ چين دوستي ھڪ نسل کان ٻي نسل تائين منتقل ٿيندي

ملاقات دوران ڳالھائيندي صدر آصف علي زرداري چيو تہ مخالف ۽ دشمن پاڪ چين دوستي کي نقصان نٿا پھچائي سگھن، پاڪ چين دوستي ھڪ نسل کان ٻي نسل تائين اڳتي وڌندي ۽ وقت سان گڏ مضبوط ٿيندي.

ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري خصوصي اقتصادي زونز ۽ گوادر فري زون ۾ چين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، ملاقات ۾ ٽيڪنالوجي، آءِ ٽي، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ جدت تي بھ ڳالھيون ڪيون ويون.

ٽن مفاھمتي يادداشتنامن تي صحيحون

صدر آصف علي زرداري شنگھائي ۾ مفاھمت جي ٽن يادداشت نامن جي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ايم او يوز جو مقصد پاڪستان ۾ زراعت، ماحولياتي ۽ ماس ٽرانزٽ شعبن جي ترقي.

پھريون ايم او يو ڪنٽرولڊ ايگريڪلچر سائنس اينڊ ايجوڪيشن پارڪ، زرعي پيداوار ۽ خوراڪ جي تحفظ ۾ واڌ لاءِ آھي، ٻيو ايم او يو شينونگ ڪاليج، ھارين لاءِ جديد ٽيڪنالوجي ۽ تربيت فراھم ڪرڻ لاءِ ووڪيشنل انسٽيٽوٽ ۽ ٽيون ٽائر ري سائيڪلنگ پراجيڪٽ ۽ ماحول دوست ماحول مئنيجمينٽ کي ھٿي وٺرائڻ آھي.

صدر آصف علي زرداري ايم او يوز بابت چيو تہ پاڪ چين زرعي، ٽيڪنيڪي ۽ ماحولياتي سھڪار کي مضبوط بڻائڻ جي عملي ڪوشش آھن.

صدر آصف علي زرداري سان چيني ماحولياتي ٽيڪنالوجي ڪمپني جي سربراھي بہ ملاقات ڪئي، جنھن دوران خاتون اول آصفہ ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بہ ساڻس گڏ ھئا.

ملاقات ۾ شھرن ۾ سالٽ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ ويسٽ ٽو انرجي جا مامرا بحث ھيٺ آيا، صدر ملڪ ۾ جديد ويسٽ مئنسجمينٽ سسٽمز جي ضرورت تي زور ڏنو. چيني ڪمپني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان گڏ ڀائيواري ۾ بہ دلچسپي ظاھر ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں