اسلام آباد : صدر آصف علي زرداري 27 ھين آئيني ترميم جي بل تي صحيح ڪري ڇڏي، صدر جي صحيح کانپوءِ بل آئين جو حصو بڻجي ويو.
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿيل بل صحيح لاءِ صدر آصف علي زرداري ڏانھن اماڻيو ويو ھو، صدر جي منظوري کانپوءِ قانون واري وزارت پاران گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
ياد رھي تہ سينيٽ 27 ھين آئيني ترميم جي نئين ترميمن کي اڪثريت سان منظور ڪيو
سينيٽ اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت ھيٺ ٿيو جنھن ۾ 27 ھين آئيني ترميم جو نئون متن پيش ڪيو ويو.
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ 27 ھين ترميم جي نئين متن کي سينيٽ ۾ پيش ڪيو، جنھن بعد ترميم کي شق وار منظور ڪيو ويو. ….