صدر آصف علي زرداري پاران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو دورو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : صدر آصف علي زرداري نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو دورو ڪيو جتي ھن 27 جتي هن 27 هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو.

آءِ ايس پي آر جي موجب ، ورڪشاپ ۾ پارليامينٽيرين سميت سينئر سول ۽ ملٽري آفيسرن جي شرڪت پڻ ڪئي ، ورڪشاپ ۾ تعليمي ۽ سماجي شعبن جا نمائندا پڻ موجود هئا.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو تہ صدر شرڪت ڪندڙن کي ورڪشاپ مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ قومي سلامتي بابت شعور وڌائڻ ۾ انهن جي محنت کي ساراهيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي تہ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ مڪالمي کي ھٿي ڏيڻ جا اهم پليٽفارم آهن ۽ ان ذريعي پاڪستان کي موجودہ سيڪيورٽي چيلنجز جو اثرائتو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

ورڪشاپ قومي سطح تي کي ھٿي ڏيڻ ۽ ادارتي صلاحيت وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ قومي سلامتي لاءِ حڪمت عملي کي مضبوط بڻائڻ ۾ پڻ مددگار آهي.

ان موقعي تي صدر باخبر قيادت، قومي يڪجھتي ۽ پاليسي سازي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ اختتامي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي سندون پڻ ڏنيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں