بغداد : صدر آصف علي زرداري عراق جي صدر کي ملڪ جي نئين سر اڏاوت ۾ پاڪستان جي ڪردار جي آڇ ڪئي آھي، جڏھن تہ ٻنهي ملڪن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ منشيات خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو آھي.
صدر آصف علي زرداري بغداد پيلس ۾ عراقي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف جمال رشيد سان ملاقات ڪئي، آمد تي صدر آصف علي زرداريءَ کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ آجيان واري تقريب ۾ قومي ترانو وڄايو ويو۔
پڌرائي موجب ٻنهي صدرن وچ نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي تفصيلي ملاقات ٿي، عراقي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو بہ ڏنو.
صدر آصف علي زرداري عراقي قيادت ۽ عوام جي پرجوش آجيان تي ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ بغداد تهذيب، تاريخ ۽ استقامت جي علامت هڪ عظيم شهر آهي ۽ عراق ۾ ڪامياب پارلياماني چونڊن تي عراقي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني۔

ھن چيو تہ پاڪستان عراق جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي اتحاد جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، صدرِ پاڪستان عراق جي استحڪام، ترقي ۽ جمهوري عمل لاءِ پاڪستان جي عزم کي ٻيهر ورجايو۔
ملاقات ۾ پاڪستان-عراق ٻطرفي لاڳاپن، علائقي جي صورتحال ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح تي رابطن ۽ گڏيل ڪميشن جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔
صدر واپار، سيڙپڪاري، زراعت، دفاعي پيداوار ۾ سھڪار وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ گڏوگڏ آءِ ٽي، اڏاوتي، دوائن ۽ لاڳاپيل صنعتن ۾ سھڪار جي وسيع موقعن تي پڻ ڳالهہ ٻولهہ ڪئي۔
ملاقات دوران صدر زرداري بزنس ٽو بزنس رابطن ۽ تجارتي وفدن جي ڏي وٺ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌي بينڪنگ چينلز جي قيام جي اهميت کي بہ اجاگر ڪندي چيو تہ واپاري سرگرمين جي ھٿي لاءِ مالي سهولتون اڻٽر آھن.
صدر آصف علي زرداري عراق جي نئين سر اڏاوت ۾ پاڪستان جي ڪردار جي آڇ ڪندي چيو تہ پاڪستان موجودہ ايم او يو تحت هنرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔
ھن طبي سهولتن، مالي مهارت ۽ ڊجيٽل گورننس ۾ سھڪار جي آڇ پڻ ڪئي ۽ محفوظ ڊيٽا مينيجمينٽ سميت فني تجربن کي عراق سان شيئر ڪرڻ لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو۔
صدر عراق ويندڙ پاڪستاني زائرين لاءِ سهولتن ۾ بهتري جو مطالبو ڪيو ۽ زائرين مينيجمينٽ ايم او يو جي جلد حتمي منظوري ۽ لاڳو ڪرڻ تي زور ڏنو۔
هن چيو تہ غيرقانوني داخلا ۽ اضافي رھائش ڪندڙ پاڪستانين کي روڪڻ لاءِ مڪمل سھڪار ڪنداسين، پاڪستان عراق جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قدمن جو حامي آهي۔
ٻنهي صدرن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ منشيات خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو، پاڪستان-عراق قيادت سيڪيورٽي سھڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت عالمي فورمز تي ويجهي مشاورت جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ٿيو۔
عراقي صدر مسلم امت کي متحد ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ فلسطيني عوام لاءِ پاڪستان جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت جي واکاڻ ڪئي۔……..