صدر آصف زرداري سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن وچ ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ جو ٽاسڪ محسن نقوي کي ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

صدر آصف علي زرداري سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ روڪڻ جو ٽاسڪ وفاقي گھرو وزير محسن نقوي حوالي ڪري ڇڏيو آھي.

صدر آصف علي زرداري جي ھدايت تي محسن نقوي ڪراچي پھچي ساڻس ملاقات ڪئي، بلاول ھائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال سميت سنڌ ۽ پنجاب حڪومت ۾ جاري ڇڪتاڻ روڪڻ تي ڳالھيون ڪيون ويون.

صدر آصف علي زرداري وفاقي گھرو وزير محسن نقوي کي صورتحال ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.

ان کانسواءِ گھرو وزير، صدر کي ملڪ ۾امن امان جي مجموعي صورتحال تي بہ بريفنگ ڏني ۽ مختلف صوبن ۾ وچ ۾ رابطي جي صورتحال کان آگاھہ ڪيو.

ذريعن موجب محسن نقوي صدر جي ھدايت تي سڀاڻي وزيراعظم شھباز شريف سان ملاقات ڪندو، جنھن ۾ مريم نواز جي تازي بيانن ۽ پنجاب حڪومت جي موقف تي ڳالھ ٻولھہ ڪندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں