اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري دانش اسڪولز اٿارٽي جو بل وزيراعظم ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو آهي.
ايوان صدر مان جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري دانش اسڪولز اٿارٽي بل 2025 صوبائي مشاورت جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي نظر ثاني لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو آهي.
صدر آصف زرداري چيو تہ صوبن ۾ دانش اسڪولن جي قيام جي لاڳاپيل صوبائي حڪومتن کان اڳواٽ مشاورت ضروري آهي، ٻئي پاسي صدر وزيراعظم جي مشوري تي اهم قانونسازي جي بہ منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي مشوري تي قانون شهادت (ترميمي) بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي، آصف زرداري ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسي ايڊ ميڊيڪل سائنز بل 2025 جي بہ توثيق ڪري ڇڏي
صدر آصف علي زرداري نيشنل ڪميشن فار مائنورٽيز رائٽس بل 2025 جي به منظوري ڏئي ڇڏي.