صدر، اردون جي شاھ عبداللہ کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ سان نوازيو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : صدر آصف علي زرداري شاھ عبداللھ دوئم کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان سان نوازيو.

ايوان صدر اسلام آباد ۾ اردون جي شاھ عبداللہ دوئم کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ٿي، جنھن ۾ ٻنھي ملڪن جا قومي ترانا ھلايا ويا.

تقريب ۾ وزيراعظم شھباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظھير احمد بابر ۽ ايڊمرل نويد اشرف بہ شرڪت ڪئي.

صدر آصف علي زرداري شاھ عبداللھ کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان ڏنو، شاھ عبداللہ دوئم کي اعزاز ٻطرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، علاقائي ۽ عالمي امن لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو.

شاھ عبداللہ صدر آصف علي زرداري کي اردن جي ايوارڊ  جي اعليٰ ايوارڊ سان نوازيو، جيڪو مملڪتي سربراھن ۽ معزز شخصيتن ڏنو ويندو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں