صحافي طفيل حيدراڻي جا قاتل ڇو گرفتار ناھن ٿيا؟ عدالت جو وڏو حڪم

فہرستِ مضامین

رپورٽ: حيدر ميراڻي

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر سرڪٽ بينچ ميرپور ماٿيلي ۾ ھٿياربندن ھٿان قتل ڪيل صحافي طفيل حيدراڻي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي پوليس مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

ميرپورماٿيلو ۾ قتل ٿي ويل صحافي طفيل حيدراڻي جي ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري لاء داخل درخواست تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ٻڌل سنگل بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل شبير علي بوزدار موقف اختيار ڪيو تہ 8 آڪٽوبر 2025 تي جوابدارن ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ ويندڙ صحافي طفيل حيدراڻي کي قتل ڪيو ويو

گهوٽڪي پوليس قتل ڪيس ۾ 5 جوابدار خليل احمد، الياس، عبدالحفيظ، وحيد ۽ صدام حيدراڻي کي گرفتار ناهي ڪيو

وڪيل عدالت کي ٻڌايو تہ جوابدار سرعام گهمن پيا، شهيد ٿي ويل صحافي طفيل حيدراڻي جي گهرڀاتين جي حياتين کي خطرو آهي

وڪيل موجب عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي کي صحافي طفيل حيدراڻي جي قتل ڪيس جي 5 جوابدارن کي 18 ڊسمبر تائين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

طفيل حيدراڻي ڪڏھن نشانو بڻيو؟

مقامي صحافين موجب 8 آڪٽوبر جي صبح صحافي کي معصوم ٻارڙن آڏو هٿياربندن گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، هانءُ ڦاٽڻ سبب سندس معصوم ڀائٽي پڻ فوت ٿي وئي

ڳوٺ کان پنهنجا معصوم ٻارڙا کڻي اسڪول ڇڏڻ لاءِ ويندڙ صحافي طفيل حيدراڻي کي هٿياربندن ٻارڙن آڏو موٽرسائيڪل تان لاهي گوليون هڻي قتل ڪيو ھو

قتل واقعي جو منظر اکين سان ڏسندي دانهون ڪندي صحافي جي معصوم ڀائٽي رينا بيهوش ٿي وئي جنهن کي اسپتال نيو ويو جتي معصوم ٻارڙي پڻ دم ڌڻي حوالي ڪيو ھو

واقعي خلاف گهوٽڪي ضلعي جي قلم ڌڻين اسد پتافي، لطيف وسير، عامر چنه، ميهر مهر، علي وسير، مسرت مهر، طاهر عباس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو پڻ ھنيو ويو ھو

ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران ڌرڻي ۾ پهچي صحافين کي خاطري ڪرائي ھئي ته وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ ۽ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ قاتلن جي گرفتاري جون هدايتون ڏنيون آهن

پوليس واقعي کي ڪھڙو رنگ ڏنو؟

ياد رھي تہ طفيل جي قتل واقعي بعد مبينا جوابدار جو اعترافي بيان سامھون آيو ھو، جنھن ۾ ھُن طفيل کي پلاند ۾ قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو ھو. گهوٽڪي پوليس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ھو تہ صحافي طفيل برادري تڪرار تان قتل ٿيو آھي، 2 جوابدارن عرفان ۽ امام دين حيدراڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪاررواين جو اعلان ڪيو ويو ھو پر اڃا تائين گرفتاريون عمل ۾ ناھن آيون.

صحافي جي قتل جو ذميوار ڪير؟

عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري صحافي طفيل حيدراڻي رند جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ھو ته صحافي جي قتل جو ذميوار قبيلائي ۽ جاگيرداري نظام آهي، ڀوتارڪي نظام صحافي جان محمد مهر، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي کانپوءِ هڪ ٻيو صحافي قتل ڪيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں