صحافي خاور حسين جو غير طبعي موت، فيملي سان ڳالهه ٻولهه کي به جاچ جو حصو بڻائينداسين: جاچ ٽيم جو سربراهه

فہرستِ مضامین

سانگھڙ/حيدرآباد (رحمان خاصخيلي+ عبدالغفور سروھي) سانگھڙ ۾ صحافي خاور حسين جي غير طبعي موت جي جاچ لاءِ سنڌ سرڪار پاران جوڙيل اعليٰ سطحي جاچ ٽيم جي سربراھ آزاد خان چيو آھي ته ھڪ اھم عيني شاھد مليو آھي، جنھن جي خاور حسين سان ڳالهه ٻولهه ٿي ھئي.

اي آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان جي سربراھي ۾ جڙيل جاچ ٽيم سانگھڙ پھچي واقعي واري ھنڌ جو دورو ڪيو ۽ بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.

آزاد خان چيو ته گاڏيءَ مان مليل ھٿيار خاور جو پنھنجو ھو، خاور جي حيدرآباد ۾ لوڪيشن شام 5 وڳي تائين جي ھئي، خاور حسين جي سم آخري وقت تائين استعمال ھيٺ ھئي، موبائيل جي سم ڪٿي به نه ملي.

اي آءِ جي آزاد خان چيو ته واقعي وقت ڪنھن به فائرنگ جو آواز نه ٻڌو، سي سي ٽي وي فٽيج مان خاور جي سانگھڙ آمد جو پتو لڳي ويندو، خاور حسين جي فيملي سان ڳالهه ٻولهه کي جاچ جو حصو بڻايو ويندو.

ھن چيو ته خاور حسين جي فيملي سان لازمي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، ڏٺو ويندو ته خاور حسين سان ڪير گڏ ته نه ھو.ٽول پلازه جا فٽيج به موجود آھن، انھن کي به چيڪ ڪيو ويندو.

آزاد خان چيو ته گاڏيءَ مان خاور حسين جي فون کليل حالت ۾ ملي ۽ ري سيٽ ٿيل ھئي، فون جو ڪال ڊيٽا ريڪارڊ (سي ڊي آر ) ڪڍرايو ويو آھي، فون سي ٽي ڊي کي اماڻيو ويو آھي، سي سي ٽي وي فٽيج جو به جائزو ورتو پيو وڃي.

ھڪ اکين ڏٺو شاھد مليو آھي، جنھن جي خاور سان ڳالهه ٿي ھئي

جاچ ٽيم جي سربراھ چيو ته ھڪ اکين ڏٺو شاھد مليو آھي، جنھن جي خاور حسين سان ڳالهه ٿي ھئي، اکين ڏٺن شاھدن سان ڳالهه ٻولهه ۽ فورينزڪ شاھديون گڏ ڪيون ويون آھن.

ھڪ سوال جي جواب ۾ جاچ ٽيم جي سربراھ چيو ته صحافي جي فيملي معاملن جي معلومات ميڊيا آڏو شيئر ڪرڻ پسند نھ ڪنداسين، پر اھا معلومات جاچ جو حصو ھوندي، في الحال ڪجھ به چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو.

تشدد يا مزاحمت جا نشان نه مليا: پوليس سرجن

سانگھڙ ۾ پراسرار موت جو نشانو بڻيل ڪراچي جي صحافي خاور حسين جو ھڪ ڀيرو ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، سول اسپتال حيدرآباد جي پوليس سرجن جو چوڻ آھي تھ خاور جي جسم تي تشدد يا مزاحمت جا ڪي به نشان نه مليا آھن.

سول اسپتال حيدرآباد ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي پوليس سرجن ڊاڪٽر وسيم چيو تھ خاور حسين جي ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪرڻ جا حڪم مليا ھئا، ٻن ڏينھن اندر شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي ويندي.

ڊي جي ھيلٿ سروس سنڌ صحافي خاور حسين جي لاش جو ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا ھئا، ان کان اڳ سانگھڙ ۾ پوليس پاران بھ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو ھو.

خاور حسين جو ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم آءِ جي سنڌ جي لکيل خط ۾ ڪيل سفارش جي بنياد تي جاري ڪيو ويو.

خاور دلير ھو، آپگھات ڪري نه ٿو سگھي

آمريڪا مان وطن واپس پھتل خاور حسين جي والد رحمت حسين ۽ ڀاءُ اعجاز حسين جو چوڻ آھي ته خاور زندگي سان پيار ڪندڙ ۽ دلير قسم جو ماڻھو ھو، آپگھات نه ٿو ڪري سگھي.

آمريڪا مان ڪراچي ايئرپورٽ پھچڻ تي خاور جي والد رحمت حسين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو پٽ دلير ھو، ھن آپگھات نه ڪيو ھوندو، لڳي ٿو کيس قتل ڪيو ويو آھي، رحمت حسين ۽ خاور جو ڀاءُ ڪراچي مان حيدرآباد پھتا.

سول اسپتال حيدرآباد ۾ ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي خاور حسين جي ڀاءُ اعجاز حسين چيو تھ ڪنھن پريشاني يا ڪنھن سان جھڳڙي جو ذڪر نه ڪيو ھو، خاور خوش مزاج ۽ باھمت شخص ھو، ھن آپگھات نه ڪيو آھي.

ھڪ سوال جي جواب ۾ اعجاز حسين چيو ته پوليس جي جاچ مان مطمئن آھيون ۽ اسان اھو ئي چاھيون ٿا ته شفاف انداز ۾ جاچ ڪرائي خاور حسين جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪيا وڃن.

خاور حسين جي سانگھڙ واسي ڀيڻيوي زبير احمد ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو ته خبر نه آھي تھ خاور سانگھڙ ڇو آيو ھو، ھن پنھنجي سانگھڙ آمد جي باري ۾ ڀيڻ يا اسان کي ڪجھھ بھ نھ ٻڌايو ھو.

پارلياماني ڪميٽي پاران انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو

قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي صحافي خاور حسين جي موت کي آپگھات قرار ڏيڻ وارين ڳالھين تي اعتراض ڪندي شفاف انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرپرسن پولين بلوچ جي صدارت ھيٺ پيمرا ھيڊڪوارٽرز ۾ ٿيو.

ڪميٽي جي ميمبر ڪرن حيدر چيو ته خاور حسين آپگھات ڪيو يا کيس قتل ڪيو ويو، ان جي جاچ ٿيڻ گھرجي، جيڪڏھن اھو قتل ٿيو آھي تھ ڪميٽي ان جي مذمت ڪري ٿي.

ميمبر امين الحق چيو ته واقعي کي آپگھات جو رنگ ڏنو پيو وڃي ۽ ان معاملي جي  انڪوائري ضروري آھي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطااللھ تارڙ چيو ته ھو آءِ جي سنڌ سان خاور حسين جي موت بابت سڌي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ معاملي کي جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن ڏانھن ريفر ڪيو پيو وڃي.

وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته ان حوالي سان رپورٽ ڪميٽي آڏو پيش ڪئي ويندي.

صحافي خاور حسين جو گولي لاش گذريل ڏينھن سانگھڙ ويجھو حيدرآباد روڊ تي ھڪ ھوٽل ٻاھران بيٺل سندس ڪار مان مليو ھو.

صحافي خاور حسين جي سانگهڙ ۾ ابائي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ جنازي نماز ۾ ماڻهن جَي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں